بريڪنگ نيوزسنڌ

سانگهڙ ميونسپل ڪميٽي جي سال 24-2023لاءِ56 ڪروڙ 22 لک رپين واري بجيٽ پيش

سانگهڙ( اقرار شر )سانگهڙ ميونسپل جو سالياني بجيٽ اجلاس،56ڪروڙ 22لک روپين جي بجيٽ پيش.سال جي آخر۾ 39 لک 42 هزار 7 سئو 79 رپين واري بچت واري بجيٽ پيش ، پيپلز پارٽي ۽ جي ڊي اي جي ڪائونسلرن جي شرڪت، سانگهڙ ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين راشد اسلام مغل جي صدارت هيٺ سالياني بجيٽ اجلاس ڪوٺايو ويو، نئين مڪاني نظام جي پهرئين تعارفي اجلاس ۾ پيش ڪيل بجيٽ ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ حڪومت کان گرانٽ جي مد ۾ ملندڙ 35 ڪروڙ 41 لک 69 هزار 6 سئو 84 رپيا، هن وقت ميونسپل جي 24-2023 سالياني  آمدني 17 ڪروڙ 49 لک 81 هزار هڪ سئو 31 رپيا، ميونسپل ملازمن جي پگهارن جي مد ۾ 36 ڪروڙ 64 لک 42 هزار ٻه سئو 40 رپيا، ميونسپل ملازمن جي ماهوار پينشن ۽ رٽائرڊ ملازمن لاءِ 7 ڪروڙ رکيا ويا، جڏهن ته شهر اندر ٿيندڙ ترقياتي ڪمن جي لاءِ 4 ڪروڙ 81 لک، قدرتي آفتن لاءِ 50 لک،  ڊسپوزل، واٽر سپلاءِ ، صفائي ڪندڙ عملو ۽  روز مره   جي  خرچ لاءِ 6 ڪروڙ 18 لک 25 هزار، اسپورٽس، پريس ڪلبن سوشل ويلفيئر،مدرسن، امام بارگاهن ۽ ٻين فلاحي ڪمن لاءِ 57 لک رپيا رکيا ويا آهن، اهڙي طرح ميونسپل ڪميٽي سال ۾ ٿيندڙ خرچ جو تخمينو 55 ڪروڙ 82 لک 67 هزار 2 سئو 40 رپيا لڳايو آهي،  ان دوران ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين راشد اسلام مغل چيو ته شهر جي بهتري گڏ جي ڪم ڪنداسين. اجلاس ۾ وائيس چيئرمين نعمت علي عرف بادشاھ خان پٺاڻ، ايڊمنسٽريٽر محمد ابراهيم عمراڻي اڪائونٽنٽ گلزار زرداري سميت پيپلز پارٽي ۽ جي ڊي اي جي چونڊيل ڪائونسلرن علي حسن نظاماڻي، سهيل قريشي ، سني نظاماڻي، جمعہه خان خروٽي ،  ساجد نظاماڻي ، عالم نظاماڻي، عبداللطيف مري، مکي رميش ڪمار ، عثمان نظاماڻي، انور يوسفزئي ، ميڊم سلميٰ، حاجي ادريس يوسفزئي، غلام حيدر پنهور ميڊم رفيعه بي بي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button