بريڪنگ نيوزسنڌ
اقتدار ۾ هجون يا نه هجون علائقي واسين جي خدمت ڪندا رهنداسين: ڊاڪٽر محمد هاشم خاصخيلي
جھول(منٺار ڪوري)اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا جي دعائن سان اقتدار ۾ ھجون توڙي نه ھجون علائٔقي واسين جي خدمت ڪندا رھنداسين. جھول شھر ۾ جيڪي ترقياتي ڪم ٿيا اھٔي مسلم ليگ فنڪشنل جي دؤر ۾ ٿيا آهن. اھڙن خيالن اظھار جھول لڳ ڳوٺ الھه بخش چانھيون ۾ دائؤد چانھيون جي والد جي وفات تي مسلم ليگ فنڪشنل ضلعي سانگھڙ جي اڳواڻ ڊاڪٽر محمد ھاشم خاصخيلي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته تاريخ شاھد آهي ته ھن وقت پ پ وارن ڪرپشن جون ڌڄيون اکيڙي ڇڏيون آهن اسان پنهنجي اقتدار دؤران جيڪي ترقياتي ڪم ڪيا هئا اھٔي مسلم ليگ فنڪشنل جي دؤر ۾ ٿيا آهن انھيءَ موقعي تي ساڻس فقير خميسو خان مھر گڏ ھو.1