بريڪنگ نيوزسنڌ

بدين ۾ سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ ۽ بجلي جي بحران خلاف واپاري تنظيمن جو احتجاج

بدين (ڊ ر)بدين ۾ سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ ۽ بجلي جي بدترين بحران جي خلاف تاجر الائنس ۽ واپاري تنظيمن جي طرفان قائداعظم روڊ شھباز روڊ گولاڙچي روڊ تي احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا ھنيا ويا ان موقعي تي حيسڪو اختيارين خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي اڳواڻن مولانا عبدالحفيظ سمون ، محمد نديم مغل، امتياز علي ميمڻ، صادق حسين خواجه، عبدالمجيد ميمڻ، نادر علي ميمڻ، غلام حسنين خواجه، قاضي محمد رفيق، سليم کوکر ۽ ٻين چيو ته حيسڪو بدين محرم جي چئن ڏينھن ۾ بدترين لوڊشيڊنگ جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آھن شھر جي قائداعظم روڊ، شھباز روڊ، گولاڙچي روڊ، سٽي او پي ڊي واٽر سپلائي جا ٽرانسفارمر ڪيترن ڏينھن کان سڙيل آھن جنھن ڪري انھن علائقن جي عوام سخت گرمي ۾ تڙپي رھيو آھي پر بي رحم انتظاميا کي ڪو رحم نٿو اچي ھو ٽرانسفارمر لڳائڻ بدران ٽرانسفارمر ٺاهڻ جا پئسا گھري رھيا آھن بدين جا چونڊيل نمائنده ڳولي نٿا لڀن رڳو قائداعظم روڊ جي ٽرانسفارمر کي 24 ڏينھن ٿيا آھن پر ان کي ٺاھي بجلي بحال نه ڪئي وئي آھي بجلي جي بندش جي ڪري واٽر سپلائي بند آھي شھر ۾ ڪربلا واري حالت آھي، ھنن وفاقي وزير پاڻي بجلي خرم دستگير، حيسڪو چيف، سيشن جج بدين کي اپيل ڪئي ته بدين جي 3 لک شھرين تان حيسڪو جي ڪرپٽ عملي جو ظلم بند ڪرائي شھرين جي بجلي بحال ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ شھر ۾ شٽربند ھڙتال جو سڏ ڏنو ويندو.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button