بريڪنگ نيوزسنڌ

سانگهڙ سول اسپتال جي ٻارن واري وارڊ ۾ تازو ڄاول ٻار ايمبولينس نه ملڻ سبب فوت

سانگهڙ (رپورٽ: اقرار شر) اسپتال جي گائني وارڊ ۾ ڄاول ٻارڙو ايمبولينس نه ملڻ ڪري فوت مائٽن جون اسپتال عملي خلاف دانهون ۽ انصاف جي گھر ان ڏکوئيندڙ واقعي جا تفصيل ھن ريت ته سانگهڙ لڳ پادري ڳوٺ جي رھواسي پورھيت نواز مسيح پنهنجي ڳورھاري  گھرواري کي گذريل ڇنڇر واري رات سول اسپتال سانگهڙ جي گائني وارڊ ۾ داخل ڪرايو ويو هو جنھن جو ان رات ڪامياب آپريشن ٿيو ليڪن ڇنڇر جي صبح سوير ٻارڙي جي طبعيت خراب ٿي وئي جنھن کي وڌيڪ علاج لاءِ نوابشاھ ڏانھن ريفر ڪيو ويو غريب پورهيت کي ٽن ڪلاڪن تائين ايمبولينس جو انتظار ڪرايو ويو جنھن دوران ٻارڙو تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو، ان ڏکوئيندڙ واقعي بابت معصوم ٻارڙي جي والد نواز مسيح ۽ ناني مائيڪل ميڊيا سان ڳالهائيندي سول اسپتال انتظاميا تي مبينا الزام مڙهيندي چيو ته اسان سان سڄو ظلم سول سرجن جي بي ڌياني جي ڪري ۽ وقت سر ايمبولينس نه ڏيڻ جي ڪري ٿيو آهي، اسان ايسيتائين ٻارڙو نه دفنائينداسين جيستائين اسان سان  انصاف نٿا ڪن، سول اسپتال انتظاميا ۽ ٻارڙي جي وارثن ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿيون جنهن کانپوءِ ٻارڙي کي دفنايو ويو.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button