بريڪنگ نيوزسنڌ

سنڌ جي سونهن ۽ تاريخي ورثي ڪارونجهر جو وجود خطري ۾، سنڌ حڪومت پاران ڪجهه حصا نيلام ڪرڻ جو فيصلو

اسلام ڪوٽ (رپورٽ:سجاول بجير)فطرت جي محور،  سنڌ جي سونهن، تهذيب، سياحتي ۽ تاريخي ورثي ڪارونجهر جبل جو وجود هڪ دفعو ٻيهر خطري هيٺ، سنڌ حڪومت منرل مائينز ڊپارٽمينٽ طرفان ڪارونجهر کي ليز تي ڏين جو فيصلو ڪري ورتو،  ڪارونجهر جبل جو قيمتي گرينائيٽ پٿر جي سترنهن هنڌن جي ليزون ڏيڻ لاءِ ٽينڊر جاري ڪري ڇڏيو، ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي لاءِ ٻيهر ليزون ڏيڻ جي فيصلي بعد اشتهار جاري ٿيڻ کانپوءِ، اديبن، ساڃاھ وندن، ڪارونجهر سجاڳ فورم، سول سوسائٽي سميت سنڌ جي شعور ۾  سخت تاءُ پکڙيل، ڪارونجهر جي ڪٽائي نامنظور جي اعنوان سان سوشل ميڊيا تي مهم تيز، ڪارونجهر جبل کي نيشنل پارڪ جو درجو ڏئي، ورلڊ هيريٽيج ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو، فطري حُسن جي خوبصورت خطي، تاريخي، تفريحي ۽ٍ سياحتي ماڳ، سنڌ جي سونهن ڪارونجهر جبل جو وجود هڪ دفعو ٻيهر خطري هيٺ اچي ويو، سنڌ حڪومت منرل مائينز ڊپارٽمينٽ طرفان ڪارونجهر جبل ليزون تي ڏين جو فيصلو ڪرڻ بعد اشتهار جاري ڪري ڇڏيو ، ڪارونجهر جبل جي قيمتي گرينائيٽ پٿر جي سترنهن هنڌن جي ليزون ڏيڻ لاءِ ٽينڊر پڻ جاري ڪيو ويو آهي جنهن بعد سنڌ جي شعور، ساڃاھ وندن، اديبن، ڪارونجهر سجاڳ فورم سميت سول سوسائٽي ۾ سخت تاءُ پکڙيل آهي، سنڌ جي شعور طرفان فيس بوڪ تي ڪارونجهر جي ڪٽائي نامنظور جي عنوان سان مهم تيز ڪري ڇڏي آهي، گذريل ڏينهن کان سنڌ جو شعور سراپا احتجاج بڻيل آهي، اڳواڻن پاران چيو پيو وڃي ته ڪارونجهر فطرت جو اوپن ميوز  ۽ سنڌ جي ماٿي جو جهومر آهي،  ڪارونجهر جي سونهن جو کليل نيلامي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين، ڪارونجهر جي ڪٽائي ۽ ليزون رد ڪرڻ باوجود سنڌ حڪومت منرل مائينز ڊپارٽمينٽ طرفان ڪارونجهر جون ليزون ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ڪارونجهر جبل جي گرينائيٽ پٿر جي سترنهن هنڌن جي ليزون ڏيڻ لاءِ ٽينڊر پڻ جاري ڪيو ويو آهي، جنهن عمل جي سنڌ واسين ڀرپور مخالفت ڪري رهيا آهن ۽ اڳواڻن طرفان سنڌ حڪومت کان ڪارونجهر وڪرو ڪري ڪارونجهر کپائڻ واري فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ جي گهر پڻ ڪري رهيا آهن  ۽ مطالبو ڪري رهيا آهن ته سنڌ جي تاريخي، قديم، ثقافتي، تهذيبي اُهڃاڻ ۽ سياحتي ماڳ ڪارونجهر جبل کي ، نيشنل پارڪ جو درجو  ڏئي، ورلڊ هيريٽيج ۾ شامل ڪيو وڃي.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button