بريڪنگ نيوزقومي

مدو پورو ٿيڻ کان اڳ اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري صدر کي اماڻينداسين،9 مئي جي سازش جو مک پي ٽي آءِ چيئرمين هو:وزيراعظم

لاهور (اين اين آءِ) وزيراعظم شهبازشريف چيو اهي ته عمران نيازي نوازشريف جي بغض ۾ حويلي بهادر شاهه ۾ ساڍا 1200 ميگاواٽ بجلي جي رٿا کي بند ڪري قومي خزاني کي 77 ارب جو نقصان ڏنو 74 ارب جي لاڳت سان رٿا کي 2019 ۾ مڪمل ٿيڻو هو پر بدنيتي ۽ ملڪ سان دشمني جي ڪري قوم جا 77 ارب رپيا وڌيڪ خرچ ٿي ويا غريب قوم سان 77 ارب جو ظلم ٿيو آهي اسان دنيا ۾ ڪستو کڻي وڃو ٿا ته شرم اچي ٿو اسان تي آڱريون کڄن ٿيون ڇا ڪنهن عدالت ان تي سوموٽو ورتو آهي ٻين معاملن تي ته سوموٽو ورتو وڃي ٿو ۽ هاڻي به ايئن ٿي رهيو آهي اهڙيون رٿائون جنهن ۾ قوم جي دولت لٽجي وئي ڪنهن کي پرواهه به نه آهي ڪنهن پڇيو به نه هي ظلم آهي جيڪو هن ملڪ سان بار بار ٿيو آهي. هن حمام ۾ سڀ اگهاڙا آهن گذريل حڪومت جي چئن سان جي مجرماني ڪوتاهي ۽ بدترين گورننس پاڪستان کي هن حال تي پهچايو آهي اچو اسان همت ڪريون روئڻ پٽڻ مان ڪجهه نه ورندو ماضي ۾ جهاتي پائڻ سان ڪجهه نه ورندو ماضي مان سبق سکون ۽ پاڪستان کي عظيم بڻايو انهيءَ ۾ اسان جي بقا آهي ٻي صورت ۾ ايندڙ نسل اسان کي معاف نه ڪندا اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس لاهور ۾ ميڊيڪل سٽي، نيشنل هيلٿ سپورٽ پروگرام، پاپوليشن ويلفيئر پروگرام، ايس ايل ٿري لاهور رنگ روڊ رٿا شاهدره کان ڪالاشاهه ڪاڪو ميٽرو بس کي وڌائڻ واري پروگرام جو پيڙهه جو پٿر ۽ ساڍا 12 سئو ميگاواٽ جي پنجاب ٿرمل پاور پلانٽ جي افتتاح جي موقعي تي تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو وزيراعطم شهبازشريف چيو ته اڄ جن رٿائن جو افتتاح ڪيو ويو يا جن جي پيڙهه جي پٿر جي تختي لڳائي وئي آهي ان لاءِ مان پنجاب جي وڏي وزير سمورن صوبائي وزيرن ۽ سرڪاري آفيسرن کي مبارڪون ڏيان ٿو ۽ سندن شڪريو ادا ڪرڻ چاهيان ٿو ته عوامي مفاد جي رٿائن لاءِ وڏي محنت سان ڪم ڪيو ويو ۽ هاڻي ان تي ڪم شروع ڪيو پيو وڃي جن رٿائن جو افتتاح ٿيو يا جن رٿائن جو پيڙهه جو پٿر رکيو پيو وڃي ان تي مان تمام گهڻو خوش آهيان پر هڪ رٿا جي ڪري دل ڏکايل به آهي مان هڪ کي ڏکائيندڙ واقعو به اوهان جي ۽ قوم جي آڏو رکڻ چاهيان ٿو ۽ ان مان اندازو لڳايو ته ڪنهن طريقي سان هن قوم جي عظيم مقصدن ۽ قسمت کي بگاڙيو ويو ۽ ڪيئن معيشت سان کيڏ کيڏي وئي ان تي منهنجي دل ڏکايل آهي هن چيو ته سيپٽمبر 2014 ۾ چين جي صدر کي پاڪستان جو دورو ڪرڻو هو پر ان وقت ڌرڻا هنيا ويا ۽ ان جو دورو ملتوي ٿي ويو مان ان جو اکين ڏٺو شاهد آهيان ان وقت جيڪو پاڪستان ۾ چيني سفير هو منهنجي ان سان رات جي وقت ڳالهه ٿي ۽ هن ٻڌايو ته اسان پنهنجي پوري ڪوشش ڪري ورتي آهي هن چيو ته مان عمران نيازي ۽ ان جي ساٿين سان پاڻ مليو آهيان ۽ کين چيو آهي ته ڌرڻو ڪجهه ڏينهن لاءِ ملتوي ڪريو پر انهن انڪار ڪري ڇڏيو اهي ته اسان ڊي چوڪ تان نه اٿنداسين ٻئي ڏينهن صبح 10 وڳي جي ايڇ ڪيو ويس ۽ان وقت جي سپهه سالار جنرل راحيل شريف سان به ملاقات ڪئي ۽ کيس چيو ته اهو به پنهنجي ڪوشش ڪري ته چيني صدر جو دورو ملتوي نه هئي هن به پنهنجي طور تي پوري ڪوشش ڪئي هوندي ڳالهه مختصر اها ته پي ٽي آئي پنهنجو ڌرڻو ختم نه ڪيو ۽ چين جو صدر پاڪستان نه اچي سگهيو. جڏهن چين جو صدر 2015 ۾ پاڪستان آيو ته سي پيڪ جا معاهدا ٿيا ان کان پوءِ وزيراعظم نوازشريف جي سربراهي ۾ ٿيندڙ ميٽنگ ۾ به شريڪ ٿيس مان چيو ته جهڙي نموني گذريل سال چيني صدر جي دوري کي ڌرڻن سان ملتوي ڪرايو ويو پي ٽي آئي ٻيهر ڌرڻو به ڏئي ڇڏيو ته سي پيڪ جا منصوبا ملتوي ٿي ويا ته 20-20 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ڪيئن ختم ٿيندي ان وقت اسان فيصلو ڪيو ته 5 هزار ميگاواٽ جا منصوبا پاڪستان پنهنجي کيسي مان لڳايا ۽ اهو طئي ٿيو ته ٻه منصوبا وفاق ۽ ٻه منصوبا پنجاب لڳائيندو ۽ ان تي وڏي تيز رفتاري سان ڪم شروع ٿيو وفاق ۽ پنجاب جا 3 منصوبا مڪمل ٿي ويا 2017 ۾ اسان فيصلو ڪيو ته ساڍا 1200 ميگاواٽ جو ٿرمل پاور جو منصوبو لڳايو وڃي ۽ ان لاءِ معاهدو به ٿي ويو وزيراعظم چيو ته معاهدي مطابق هي منصوبو 2019 ۾ مڪمل ٿيڻو هو هن رٿا جي ڪل لاڳت 74 ارب رپيا هئي پر رٿا کي دير ٿيڻ سان هن رٿا تي 77 ارب رپيا وڌيڪ لڳي ويا دير، بدنيتي ۽ ملڪ دسمني جي ڪري قوم جا 77 ارب رپيا وڌيڪ لڳي ويا ايتري ڳچ رقم سمنڊ، درياهه ۾ ٻڏي وئي ان ۾ مجرماڻي ڪوتاهي هئي ٻيو ڪجهه نه هو هن غريب قوم سان 77 ارب جو ظلم ٿيو آهي. ان کان اڳ وزيراعطم شهبازشريف رٿا جي افتتاح کان پو3 سرڪاري ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته عاشوره محرم جي موقعي تي پنجاب حڪومت جو سربراهه محسن نقوي، چيف سيڪريٽري، آئي جي پنجاب، پوليس ۽ انتظاميه جنهن نموني سان ذميواري ۽ سيڪيورٽي جا انتظام ڪتب آڻيندي محنت سان سموريون مجلسون ۽ جلوس پرامن طريقي سان پنهنجي پڄاڻي تي پهتا ان تي اوهان سڀني کي مبارڪون ڏيان ٿو ۽ عوام پاران شڪريو ادا ڪريان ٿو ته اوهان شاندار انتظام ڪيا اهڙي طريقي سان سنڌ جي وڏي وزير مرادعلي شاهه، ان جي انتظاميه ۽ پوليس بهترين انتظام ڪيا بلوچستان ۾ وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو خيبرپختونخواهه ۾ وڏو وزير اعظم خان ۽ ان جي انتظاميه ۽ پولس کي مبارڪون ڏيانٿو گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي حڪومتن ۽ انتظاميه کي مبارڪ پيش ڪريان ٿو ته بهترين انتظامن جي ڪري محرم الحرام جو عاشورو خير سان ۽ امن امان سان گذريو. وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته قومي اسيمبلي جو مدو 12 آگسٽ جي رات 12 وڳي تائين آهي ان کان اڳ ئي اسيمبليون ٽوڙڻ جي ايڊوائز صدر کي اماڻينداسين خانگي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ شهبازشريف چيو ته 9 مئي جا واقعا پاڪستان پاڪ فوج ۽ آرمي چيف جي خلاف سازش هئا وزيراعطم شهبازشريف چيو ته 9 مئي جي سازش جو مک پي ٽي آئي چيئرمين هو جنهن ۾ عورتون مرد، سياسي جٿو، ڪجهه فوجي ۽ خاندان شامل هئا وزيراعطم چيو ته 9 مئي جي سازش ڪندڙن جي ڪوشش هئي ته فوج جو تختو اونڌو ڪري ڇڏجي وزيراعظم چيو ته 9 مئي جي سازش ڪندڙ پاڪستان ۾ ڏڦيڙ ۽ گهرو ويڙهه جا خواهشمند هئا.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button