بريڪنگ نيوزسنڌ

ٿر ۾ کنوڻ ڪرڻ جي واقعن جا سبب ۽ حل جي سري هيٺ ٿر ايڪشن فورم پاران مٺي ۾ ڪانفرنس

مٺي(ن م) ٿر ۾ کنوڻ ڪرڻ جي وڌندڙ واقعن جا سبب ۽ حل جي سري هيٺ ٿر ايڪشن فورم طرفان مٺي ۾ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي. ڪانفرنس کي افتتاحي خطاب ڪندي ڪنوينر ٿر ايڪشن فورم ۽ پ پ پ جي انفارميشن سيڪريٽري ٿرپارڪر ڪامريڊ نندلال مالهي چيو ته ٿر واسين جو کنوڻ لاءِ هڪڙو اتساھ هوندو هو، پر کنوڻ هاڻي خوف جي علامت بڻجي وئي آهي، ٿر جي ماڻهن جي اميد ۽ آسرو کنوڻ سان لاڳاپيل هو کنوڻ برسات جي سنيهو کڻي ايندي هئي ۽ ٿر جا ماڻهو انهي جي آجيان ڪندا هئا. گذريل ڪجهه سالن ۾ کنوڻ ڪرڻ جي واقعن ۾ واڌ آئي آهي، جنهن جي ڪري جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي، انهي وڌندڙ واقعن تي اسٽڊي ٿيڻ گهرجي. هي مسئلو ٿر جي معيشيت ۽ جياپي جو مسئلو آهي، انهي کي سنجيدگي سان ڏسڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته عام تاثر جڙيو آهي ته ٿر ڪول منصوبي جي کوٽائي، پاور پلانٽ لڳڻ، عالمي طور تي ماحولياتي تبديلين جا سبب به ٿي سگهن ٿا، جيڪي جامع اسٽڊي ذريعي ئي سامهون اچي سگهن ٿا. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ٿر ڄائي ناليواري بجلي ماهر انجنيئر ولي محمد راهمون چيو ته بجلي جي پيداوار، انهي جا نقصان ۽ اهميت سڀ سلهاڙيل آهن، فائدا ۽ نقصان گڏ هلندا آهن، بجلي جي پيداوار جا 6 طريقي ڪار آهن. جنهن مان اليڪٽرو ميگنيٽڪ، اليڪٽرو ڪيميڪل، سولر سيل، ٿرميڪيل، پريشر، اليڪٽو اسٽيٽڪ آهن. جن مان اليڪٽو اسٽيٽڪ جيڪو کنوڻ ڪرڻ جو اهم سبب آهي، جيڪو رڳڙ ذريعي پيدا ٿئي ٿو، برف ۽ پاڻي جا ماليڪيول پاڻ ۾ ٽڪرائجن ٿا، نيگيٽو ۽ پازيٽو چارجز رڳڙ سائيڪل سبب بجلي ڪري ٿي، ڪي به چارجز گهڻا ٿيندا آهن ته ته انهي کي پنهنجا چارجز خارج ڪرڻا پوندا، باقي سموريون ڏند ڪٿائون آهن. واڌو ۽ ڪاٽو چارجز اليڪٽرسٽي ايڪٽ 1910 سان تعلق رکن ٿا، اليڪٽرسٽي رولز، نيپرا ايڪٽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول ايڪٽ جي اندر 34 سيڪشن، 72 رول مطابق کنوڻ کان بچاءُ ڪيئن ٿيندا، انهي ۾ واضع آهي ته کنوڻ کي اريسٽ ڪري سگهجي ٿو، سيڪشن 34 مطابق ارٿ کي هر ڪوئي استعمال ڪري سگهي ٿو، پر بنا اجازت ڪنهن به پاور پلانٽ کي ارٿ لڳائڻ جي اجازت ناهي مليل. هن چيو ته دنيا م سڀ کان وڌيڪ آمريڪا ۾ بجلي ڪرڻ جا واقعا پيش اچن ٿا، دنيا ۾ ڪٿي به لائيٽننگ اريسٽر لڳائڻ لاءِ اجازت نامون گهربل ناهي. هن چيو ته ٿر جي ڳوٺن ۽ آبادي جي حساب سان هڪ ارب کان گهٽ ماليت جي خرچ سان لائيٽننگ اريسٽر لڳڻ گهرجن، انفرااسٽرڪچر لاءِ هر ڳوٺ ۾ سرڪاري عمارتون پڻ موجود آهن، ڪجهه انهن تي لڳايا وڃن، هن سيڪشن 34 جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڌرين کي سزا ڏيڻ جي پڻ گهر ڪئي. ٿر جي ناليواري سماج سڌارڪ اڳواڻ ڊاڪٽر سونو مل کنگھاراڻي چيو ته قدرتي نظام سان هٿ چراند ٿئي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ اهي واقعا ٿين پيا پر انهي جي سائنسي بنيادن تي ريسرچ ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته اسان وٽ اڪيڊميا پنهنجو ڪردار ادا نه ٿي ڪري کين پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button