بريڪنگ نيوزسنڌ

ٻوڏ متاثرن کي گهرن ۽ مالڪي جا حق سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب نوابشاهه ۾ ٿي گذري

نواب شاهه (پ ر) سنڌ حڪومت جي سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ افڪٽيز تحت برسات ۽ ٻوڏ متاثرين کي گهرن ۽ زمين جي مالڪي جا حق ڏيڻ لاءِ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب نوابشاهه جي مقامي ھال ۾ ٿي گذري جنھن ۾صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو خاص مهمان طور شرڪت ڪئي تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو چيو ته سنڌ حڪومت پاران پاڪستان پيپلز پارٽي جي چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن تحت برسات ۽ ٻوڏ متاثرين کي سنڌ پيپلز ھائوسنگ فار فلڊ افڪٽيز جي تحت گھرن جا مالڪاڻا حق ڏنا پيا وڃن صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ھميشه عوام جي خدمت ڪئي آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ پڻ خدمت جاري رکندي ھن وڌيڪ چيو ته صوبي ۾ گذريل سال پوندڙ برساتن ۽ ٻوڏ سبب شديد متاثر ٿيندڙ 20 لک کان وڌيڪ گھرن جي مالڪن کي گھرن جي تعمير لاءِ امدادي رقم ۽ مالڪاڻا حق ڏنا پيا وڃن جنھن ۾ ضلع شھيد بينظيرآباد جا ھڪ لک 13 ھزار کان وڌيڪ متاثرين شامل آهن صوبائي وزير گھرن ۽ زمين جا مالڪاڻا حق حاصل ڪندڙن عورتن کي مبارڪون ڏنيون ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد شھريار گل ميمڻ چيو ته ضلع انتظاميه پاران سماجي تنظيم سافڪو جي مدد سان متاثرين کي ميرٽ جي بنياد تي سروي کانپوءِ انھن کي گھرن ۽ زمين جا مالڪاڻا حق ڏنا پيا وڃن ھن وڌيڪ چيو ته اڄوڪي تقريب ۾ ضلعي شهيد بينظير آباد جي 500 عورتن ۾ پنھنجو گھر پنھنجي زمين تحت سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا آهن جڏھن ته سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ افيڪٽيز تحت ضلعي جي هڪ لک 13 هزار 590 برسات ۽ ٻوڏ متاثرين کي سندن گهرن جا مالڪاڻا حق ڏنا ويندا.جنھن ۾ تعلقي نواب شاهه جي 17 هزار 295، دوڙ جا 39 هزار 374، قاضي احمد جا 33 هزار 123 ۽ تعلقي اسڪرنڊ جا 23 هزار 798 متاثرين شامل آهن ان موقعي تي گھرن ۽ زمين جا حق ملڻ تي عورتن پاران بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ حڪومت جو شڪريو پڻ ادا ڪيو تقريب ۾ ميمبر قومي اسيمبلي غلام مصطفيٰ شاهه، ميمبر سنڌ اسيمبلي غلام قادر چانڊيو، ميمبر سنڌ اسيمبلي خان محمد ڏاهري، بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر امانت علي جلباڻي، ڪمشنر شهيد بينظير آباد ڊويزن محمد عباس بلوچ، ڊي آءِ جي محمد يونس چانڊيو، ايس ايس پي مهزور علي، چيئرمين ضلعي ڪائونسل علي اڪبر جمالي، ميئر قاضي محمد رشيد ڀٽي، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ڪنول نظام کان علاوه مختلف کاتن جي آفيسرن،  چئني تعلقن  جي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪندڙ عورتن ۽ معزز شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button