بريڪنگ نيوزسنڌ

سانگهڙ ۾ ڳوٺاڻن جو سرڪاري اسڪول جي زمين تي قبضو ڪندڙ بااثر خلاف احتجاج

سانگهڙ (ت ر) سانگهڙ ويجهو راوتياڻي ۾ قائم  اقراءَ گورنمينٽ پرائمري اسڪول جي سرڪاري ايراضي تي مبينا قبضو ڪندڙ بااثر شخص  خلاف ڳوٺاڻن جو  احتجاج بااثر خلاف نعريبازي، انهي موقعي تي احتجاج ڪندي نياز چاڪراڻي، اعجاز علي خاصخيلي، علي شير ڪيريو، غلام علي ڪيريو ۽ ٻين  دانهيندي چيو ته  اسان جي ڳوٺ ۾ قائم  اقراءَ پرائمري اسڪول جي زمين تي پيپلز پارٽي اڳواڻ ثناور جٽ قبضو ڪري اوطاق اڏائي رهيو آهي اسان جي ڳوٺ ۾ هڪ اسڪول آهي نياڻين جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ انهي تي به بااثر قبضو ڪري رهيو آهي اسان جي نياڻين جي تعليم تباهه ٿي ويندي قبضو ڪندڙ ايترو ته بااثر آهي جو پوليس به سندس ساٿاري بڻيل آهي پوليس قبضو ڪندڙ جي ساٿاري بڻجي ڳوٺاڻن تي دٻاءُ وجهي رهي آهي، هنن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جي جيئن ئي حڪومت ٺهي آهي پيپلز پارٽي اڳواڻ قبضا ڪرڻ ۾ ايڪٽو ٿي ويا آهن، هنن حڪومت پاڪستان ۽ آرمي چيف کان مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور نوٽيس وٺي بااثر خلاف ڪارروائي ڪري نياڻين جي اسڪول تان قبضو خالي ڪرائي ڏنو وڃي جيئن نياڻيون تعليم حاصل ڪري سگهن.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button