بريڪنگ نيوزقومي

وزيراعظم جو جي ايڇ ڪيو جو الوداعي دورو، اڄ اسان جي حڪومت جو مدو ختم ٿيندو، آئيني گهرجن مطابق اقتدار نگران حڪومت حوالي ڪنداسين: شهباز شريف

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته مان آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جو بيحد ٿورائتو آهيان جنهن عهدو سنڀاليو ته بنا وقت وڃائڻ جي پاڪستان کي اڳتي وڌائن جو پروگرام ٻڌايو اڄ اربع تي اسان جي حڪومت جو مدو مڪمل ٿي ويندو آئيني گهرجون پوريون ڪندي اقتدار نگران حڪومت جي حوالي ڪري ڇڏينداسين پاڪستان کي الله تعاليٰ نيو ڪليئر طاقت بڻائي ڇڏيو آهي قيامت تائين دشمن پاڪستان کي ميري اک سان نه ڏسي سگهندو شهيدن جي روح کي تسڪين صرف پاڪستان جي خوشحالي سان پهچندي گهڻو وقت گذري ويو پلين تان گهڻو پاڻي وهي ويو اسان کي ٻيو ڪجهه نه ته شهيدن جي قربانين جو احترام ڪرڻو آهي وسيلن جي ورڇ بدران وسيلن جي منصفاڻي تقسيم تي متحد ٿي وڃون پاڪستان مشڪل حالتن مان نڪري آيو آهي ملڪ مان غربت ۽ بيروزگاري ختم ڪرڻي پوندي آئي ايس پي آر مطابق وزيراعظم شهباز شريف جي ايڇ ڪيو جو الوداعي دورو ڪيو وزيراعظم جي جي ايڇ ڪيو آمد تي آرمي چيف سندس آڌرڀاءُ ڪيو وزيراعظم پرنسپل اسٽاف آفيسرز سان ملاقات ڪئي وزيراعظم کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو هن شهيدن جي يادگار تي گل رکيا انٽر سروسز پبلڪ رليشنز مطابق وزيراعظم شهيدن، غازين ۽ انهن جي خاندانن کي وطن جي دفاع لاءِ قربانين خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪيو شهباز شريف علائقائي سالميت جي تحفظ دهشتگردي جي لعنت سان وڙهڻ ۾ فوج جي ڪردار کي ساراهيو وزيراعظم شهيدن جي 70 خاندانن ۽ 30 زخمي ۾ خصوصي مالي امداد جا چيڪ ورهايا ۽ شهيدن جي وارڊز ۾ تعليمي سرگرمين تحت ليپ ٽاپ به ورهايا وزيراعظم شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي تقريب جو خاص مهمان هو جي ايڇ ڪيو ۾ شهيدن جي گهرڀاتين ۽ غازين جي اعزاز ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته شهيدن ۽ غازين پاڪستان جي دفاع لاءِ اهي عظيم قربانيون ڏنيون آهن جنهن جو ڪو مثال نٿو ملي ۽ هي قربانيون پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان اڄ تائين جاري آهن وزيراعظم چيو ته شهيدن اکيون اکين ۾ وجهي موت جو مقابلو ڪيو هن چيو ته 14 آگسٽ ويجهو آهي پاڪستان کي 76 سال ٿي ويندا ۽ هي رت سان لکيل تاريخ قيامت تائين اسان کي اهو احساس ڏياريندي رهندي ته جوانن ان ڳالهه جي ڳڻتي ڪرڻ بنا کين ٻار ٻچا والدين به آهن انهن پاڪستان جي دفاع لاءِ شهادت ماڻي ۽ پاڪستان کي دشمن جي ميري اک کان هميشه لاءِ بچائي ويا.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button