بريڪنگ نيوزسنڌ
چوٽياريون ۾ ڳوٺاڻن جو پلاٽ تي قبضي جي ڪوشش خلاف احتجاج
چوٽياريون (ن م)ڳوٺ جاني جوڻيجو جي رهواسي سليمان جوڻيجو پنهنجن ٻن پٽن اسد علي ۽ عبدالسلام جوڻيجو سميت چوٽياريون پريس ڪلب تي احتجاج ڪرڻ دوران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان 12سالن کان ڳوٺ جاني جوڻيجو ۾ رهندا آھيون ڪجھ مهينن کان پلاٽ جو معاملو هلندڙ آهي هنن دانهيندي چيو ته محمد رفيق ۽ الله بخش جوڻيجو ۽ ٻيا مونکي ۽ منهنجي پٽن کي لڏو کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏين ٿيا اسان اهڙي درخواست چوٽياريون ٿاڻي تي پڻ ڏني آهي هو هينئر به مون کي ۽ منهنجن پٽن کي مسلسل موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ چون ٿا ته هتان لڏي وڃو هنن وڌيڪ چيو ته اسان ايس ايس پي سانگهڙ ڊي ايس پي سانگهڙ ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ٿا ڪيون ته هن معاملي جو نوٽيس وٺي قانوني ڪارروائي ڪري اسان کي تحفظ ڏنو وڃي.