بريڪنگ نيوزسنڌ

سنڌ جي وڏي وزير ۽ مخالف ڌر اڳواڻ ۾ ٻئي ملاقات به بنا نتيجي ختم، نگران وڏي وزير جي نالي تي ڊيڊ لاڪ برقرار

ڪراچي (بيورو) سنڌ جي نگران وڏي وزير جي نالي تي اتفاق لاءِ وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ مخالف ڌر اڳواڻ رعنا انصار وچ ۾ ملاقات بنا نتيجي ختم ٿي وئي ملاقات ۾ مراد علي شاهه ۽ رعنا انصار نگران وڏي وزير لاءِ هڪ ٻئي کي نالا ڏنا ٻنهي ۾ اتفاق ٿيو ته نالن تي پنهنجي پنهنجي قيادت سان مشاورت ڪئي ويندي رعنا انصار صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته آچر تي وڏي وزير سان مشاورت جو ٻيو دور هو جنهن ۾ ڪيترائي نالا آيا نالا ايترا آهن جو ان ۾ وقت لڳندو اسان جي ليڊر شپ نالن تي مشاورت ڪندي مخالف ڌر اڳواڻ ٻڌايو ته جيڪڏهن نالن تي اتفاق نه ٿيو ته پارليامينٽ ڪاميٽي ۾ وينداسين اڄ سومر تائين شيون فائينل ٿي وينديون پي پي جي ناصر شاهه صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته نگران وڏي وزير لاءِ مشاورت جاري آهي وڏي وزير مخالف ڌر اڳواڻ ۾ ٿيل مشاورت جو پتو نه آهي ايترا نالا ڏنا ويا سب محترم ۽ معتبر آهن هن چيو ته سومر جي شام ٻيهر ملاقات ٿيندي اميد آهي ته نالو فائينل ٿي ويندو.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button