بريڪنگ نيوزسنڌ

دريا خان مري جي اسڪول بهادر مري کي درسي ڪتاب نه ملي سگهيا

دريا خان مري (ن م) دريا خان مري ڀرسان ڳوٺ گل محمد مري ۾ قائم ٿيل پرائمري اسڪول بھادر مري سيميز ڪوڊ 416040540 ۾ 60 کان وڌيڪ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن توڙي شاگردياڻين کي درسي ڪتاب به نه ملي سگھيا معصوم شاگردن کي ڪتاب نه ملڻ ڪري تعليم حاصل ڪرڻ لاء سخت مشڪلاتون پيش اچڻ لڳيون ان حوالي سان ڳوٺاڻن سائين بخش مري سڪندر دائود مري علي خان مري نواب خان مري اصغر مري اڪبر مري عيسي مري صحبت مري احتجاج بعد صحافين کي ٻڌايو ته پرائمري اسڪول بھادر مري ۾ 60 کان وڌيڪ معصوم شاگرد توڙي شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪري رھيون آھن مگر تعليم کاتي جي عملدارن جي لاپرواھي سبب ھڪ به شاگرد لاء ڪتاب ناھن ملي سگھيا جنھن سبب شاگردن کي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ سخت مشڪلاتون پيش اچي رھيون آھن ھنن وڌيڪ چيو ته اسڪول جي بلڊنگ نه ھجڻ ڪري پنھنجي مدد پاڻ تحت اسڪول قائم ڪيو آھي جنھن ۾ استاد شاگردن کي تعليم ڏئي رھيا آھن ڳوٺاڻن تعليم کاتي جي اعلي عملدارن کان گھر ڪئي ته پرائمري اسڪول بھادر مري ۾ اسڪول جي شاگردن کي ڪتاب ڏناوڃن ۽ فرنيچر فراھم ڪري اسڪول جي بلڊنگ ٺھرائي ڏني وڃي ته جيئن معصوم شاگرد تعليم حاصل ڪري سگھن.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button