بريڪنگ نيوزسنڌ

چيف سيڪريٽري کان پوءِ آءِ جي سنڌ به تبديل، غلام نبي ميمڻ کي هٽائي رفعت مختار کي مقرر ڪيو ويو

اسلام آباد (م ڊ)  چيف سيڪريٽري کان پوءِ آءِ جي سنڌ به تبديل، غلام نبي ميمڻ کي هٽائي رفعت مختار کي مقرر ڪيو ويو. وفاقي حڪومت پوليس سروس آف پاڪستان جي 21هين گريڊ جي آفيسر رفعت مختار کي انسپيڪٽر جنرل سنڌ مقرر ڪري ڇڏيو ۽ ان جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. پراونشل پوليس آفيسر مقرر ڪيل رفعت مختار پنجاب ۾ خدمتون انجام ڏئي رهيو هو، جنهن جي سنڌ پوليس ۾ بدلي ڪئي وئي آهي. آءِ جي پوليس جي عهدي تي خدمتون ڏيندڙ غلام نبي ميمڻ اڄڪلهه موڪلن تي عمري جي ادائيگي لاءِ ويل آهي. غلام نبي ميمڻ کي نوان حڪم ملڻ تائين اسٽيبلشمينٽ ڊپارٽمينٽ ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته  چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ جي بدلين کان پوءِ ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ سنڌ جي سمورن ڊويزنل ڪمشنرن ۽ ڊي سيز سميت اهم ڪامورن جي بدلين جو امڪان آهي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button