بريڪنگ نيوزسنڌ

جهول شهر ۾ تاڙ ۾ ويٺل جوابدارن ڪهاڙين جا وار ڪري نوجوان کي زخمي ڪري ڇڏيو

جھول(ن م)جهول شھر ۾ نوجوان مٿان ڪاتلاڻو حملو، ڪهاڙيون لڳڻ سبب نوجوان محمد قاسم شر سخت زخمي ٿي پيو زخمي جهول ٿاڻي آندو ويو جتان علاج ليٽر وٺي کيس وارث ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال سانگهڙ کڻائي، ان موقعي تي زخمي جي وارثن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته صبح جو محمد قاسم شر پنهنجي ڪم ڪار سان گهر کان ٻاھر وڃي رهيو هو ته ٻوٻي روڊ تي ايوب شر جي اٽي واري چڪي جي ڀرسان اڳ تاڙ ۾ ويٺل پنهنجي برادري جي هر هڪ غلام مرتضيٰ والد محمد حيات شر غلام رسول والد محمد حيات شر ڪهاڙين ۽ لٺھن سان حملو ڪري اسان جي همراهه کي بيگناھه مرڻينگ ڪري گار گند ڪندا هليا ويا، هنن چيو ته اسان زخمي همراهه کي جهول پوليس اسٽيشن کڻائي ويا سين جهول اسان جي جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪرڻ بعد علاج لاءِ ليٽر ڏنو ڳڻتي جوگي حالت ۾ قاسم شر کي سانگهڙ اسپتال ريفر ڪيو ويو آهي هنن آخر ۾  ايس ايس پي سانگهڙ کي اپيل ڪندي گهر ڪئي آهي ته اسان جي مٿان حملو ڪندڙ جوابدارن کي  جلد کان جلد گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري اسان انصاف ڪيو وڃي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button