بريڪنگ نيوزقومي

پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون آهن: آرمي چيف

راولپنڊي (اين اين آءِ)آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف مضبوط ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، عالمي برادري کي پاڪستان طرفان ڏنل لازوال قربانين جو ادراڪ ڪرڻ گهرجي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، 9 مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ هارورڊ يونيورسٽي، آمريڪا جي 38 شاگردن جي هڪ گروپ جي ايڇ ڪيو ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران آرمي چيف علائقائي سلامتي جي مسئلن ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج جي ڪردار تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. آرمي چيف پاڪستان جي ڀرپور صلاحيتن تي روشني وڌي ۽ ملاقات ۾ شريڪ شاگردن تي زور ڏنو ته پاڪستان ۾ رهڻ دوران پنهنجن تجربن جي بنياد تي پاڪستان کي ڏسو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف مضبوط ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، عالمي برادري کي پاڪستان طرفان ڏنل قربانين جو قدر ڪرڻ گهرجي. آرمي چيف والاريل ڪشمير ٿيل انساني ظلمن ۽ حقيقتن کي تبديل ڪرڻ جي ڪوششن تي به روشني وڌي، ان موقعي تي شاگردن ڳالهه ٻول جو موقعو ڏيڻ تي آرمي چيف جي ساراهه ڪئي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button