بريڪنگ نيوزسنڌ

ميرپورماٿيلو مان باگڙي برادري جي نوجوان ناري ۽ نوجوان گم، وارثن پاران اغوا جو شڪ، احتجاج

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: نجم الدين ڪلوڙ ) النثار پيٽرول پمپ تي باگڙي برادري جي نوجوان ناري امر ديوي ڌي گرمکداس ۽ نوجوان سني ولد ڀڳت لعل گم ٿي ويا آهن ، جڏهن ته  وارثن پاران ٻنهي ڄڻن  نوجوان سني ۽ نوجوان ناري امر ديوي جي اغوا جو شڪ ڪيو آهي ، وارثن پاران پوليس تي مدد نه ڪرڻ جو الزام هنيو آهي، جنهن سبب وارثن کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا هئا، ٻي پاسي ٻنهي جي وارثن پاران  احتجاج ڪيو ويو جنهن جي اڳواڻي ڀڳت لعل، موهن لعل، ڀڳواني، جاونتي، امرو، رام لعل ۽ ٻين ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته اسان جي ٻنهي ڄڻن کي النثار پيٽرول پمپ وٽ ڪپڙا وڪرو ڪرڻ لاءِ ويا هئا جيڪي هن مهل تائين واپس ناهن آيا اسان کي شڪ آهي ته ڪٿي هنن کي اغوا ڪيو ويو آهي هنن چيو ته اسان ٻنهي ڄڻن کي ڪشمور، گڊو، سکر، پنو عاقل، گهوٽڪي ۽ ٻين هنڌن تي ڳوليو آهي پر اهي ناهن مليا هنن ايس ايس پي گهوٽڪي، ڊي آ ء جي سکر، آء جي سنڌ ۽ ٻين وسوارن کي مدد جي اپيل ڪندي ٻنهي ڄڻن کي بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي..

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button