بريڪنگ نيوزسنڌ

مهانگائي سبب ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي چڪو آهي: رفيق ڏاهري

حيدرآباد (چيف رپورٽر) سماجي اڳواڻ رفيق ڏاھري ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي خلاف حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته ھن مھانگائي ۾ غريب ۽ بيوس ماڻھو بکن ۾ پاهه ٿي مري رھيا آھن، ان کان علاوہ مڊل ڪلاس طبقو ۽ سفيد پوش ماڻھن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آھي، ھن چيو ته ماڻھن  وٽ نه روزگار آھي نه ڪا ٻي ڪمائي آھي پر مھانگائي جي ڪري خرچ ڳاٽي ٽوڙ وڌي  مھانگا ٿي ويا آھن، سندن معاشي زندگيءَ تباهه ۽ برباد ٿي رھي آھي. ھن حڪمرانن کان مطالبو ڪيو ته موجوده مھانگائي تي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته بک ۽ بدحالي جي ور چڙھندڙ ماڻھو بک وگھي مرڻ ۽ مارڻ تي مجبور ٿي ويندا ملڪ ۾ ڦرلٽ ۽ مارا ماري واري صورتحال خانه جنگي واري صورتحال اختيار ڪري سگھي ٿي. ان کان اڳ حڪمران پاڻ سڀالين مھانگائي کي ٻنجو ڏيڻ جا اپاءَ ورتا وڃن.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button