بريڪنگ نيوزسنڌ

ميرپورماٿيلو ۾ ملڪ برادري جي ماڻهن جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

ميرپورماٿيلو(ن م) ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس اڳيان ڳوٺ سومر موري واسي ملڪ برادري عورتن ۽ مردن جو احتجاج، اسان جي ڇوڪري کي ڪوڙو ڊرامو رچائي ڪري ڪارنهن جو الزام لڳائي گهران ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ اسان مٿان هر روز حملا ڪري تشدد ڪري وڃن ٿا پيا، اسان خانپورمهر ٿاڻي تي ايف آء ار بہ داخل ڪرائي آهي  پر خانپور مهر پوليس هن مهل تائين ڪو به جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي، اڳواڻ تفصيل موجب ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس اڳيان ڳوٺ سومر موري واسي ملڪ برادري عورتن ۽ مردن جو احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي بهادر ملڪ، نظير ملڪ، جبارملڪ، حميد ملڪ، مائي ظھران ملڪ، مائي منظوران ملڪ ٻڌايو ته اسان جي ڇوڪري کي ڪوڙو ڊرامو رچائي ڪري ڪارنهن جو الزام لڳائي گهران ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ اسان مٿان هر روز حملا ڪري تشدد ڪري وڃن ٿا پيا، هنن وڌيڪ چيو ته اسان خانپورمهر ٿاڻي تي ايف آء ار بہ داخل ڪرائي آهي  پر خانپور مهر پوليس هن مهل تائين ڪو به جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي ۽ پوليس هڪ جوابدار گرفتار ڪيو هو ان کان به پئسا وٺي آزاد ڪري ڇڏيو آهي، انهن ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته جوابدار چنڊ ملڪ، محبوب ملڪ، صدام ملڪ، عمران ملڪ، سجاد ملڪ کي گرفتاري ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو..

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button