بريڪنگ نيوزسنڌ

اسلام ڪوٽ ۾ رهواسين جو نوجوان جي بازيابي لاءِ احتجاج

اسلام ڪوٽ (ن م) اسلام ڪوٽ ويجهو ڳوٺ ساجواڻي لڳ سوهجي جي ڍاڻي جي رهواسين بااثرن جي ظلمن خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي نعريبازي ڪئي، رهواسين سوهجو ميگهواڙ، هشمت ميگهواڙ، بيواھ ٻاجهو، ڌيا ٻائي ۽ ٻين ظلم خلاف دانهيندي چيو آهي ته رٽائرڊ ڊي ايس پي گومو ميگهواڙ اسان جي نوجوان گاگن ميگهواڙ کي اغوا ڪري گُم ڪيو آهي، گومو ميگهواڙ ۽ ٻين هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي تي ويل اسان جي نوجوان گاگن کي اغوا ڪيو آهي جنهن جي زندگي کي خطرو آهي، انصاف ڪيو وڃي، گومو ميگهواڙ، سليمان خاصخيلي ۽ ٻين پاران اغوا جي ڏنل ڌمڪين جي رڪارڊنگ به نوجوان گاگن جي موبائل ۾ هئي، اُنهي ڪري نوجوان کي عدالتي احاطي مان کنڀي گُم ڪيو ويو آهي، اسان سان سراسر ظلم آهي، بااثر سروي زمين ڦٻائڻ ۽ قبضو ڪرڻ لاءِ تنگ ڪري ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي رهيا آهن، ڪير دانهن ٻُڌڻ وارو ناهي، اسان جي نوجوان جي زندگي خطري ۾ آهي، اُنهي کي ڪجهھ به ٿيو ته اُنهي جا ذميوار مٿين نالن وارا همراھ هوندا.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button