بريڪنگ نيوزقومي

پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير پرويز الاهي ٻن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي

اسلام آباد (اين اين آءِ) دهشتگردي جي انت واري عدالت تحريڪ انصاف جي صدر ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جو ٻن ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪندي کيس پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو. اسلام آباد پوليس پرويز الاهي کي دهشتگردي جي انت واري عدالت جي ڊيوٽي جج شاهه رخ ارجمند جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي ٻڌڻي دوران پوليس پرويز الاهي جي جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي. پرويز الاهي جي وڪيل سردار عبدالرزاق چيو ته پوليس جي جسماني ريمانڊ جي استدعا ۾ جاچ جو ڪوبه ذڪر نه آهي. پرويز الاهي خلاف پوليس وٽ  جاچ ڪرڻ لاءِ به ڪجهه نه آهي. عدالت کي ڏسڻو پوندو ته ڇا واقعي پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير کان انڪوائري جي ضرورت به آهي يا نه. وڪيل صفائي چيو ته صورتحال اهڙي آهي جو سڀاڻي وڪيل هڪ ٻئي جون ضمانتون ڪرائي رهيا هوندا. شاهه محمود جو مان وڪيل هئس انهي ڪيس ۾ ضمانت ڪنفرم ٿي، پرويز الاهي جي سڃاڻپ پريڊ جي به ضرورت نه آهي سڄو ملڪ کيس سڃاڻي ٿو. ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر چيو ته اسلام آباد پوليس ڊپٽي ڪمشنر لاهور يا پنجاب پوليس کي ڊڪٽيٽ نه پئي ڪري. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻين ڪيسن ۾ گرفتاري جي حوالي سان ڪوبه فيصلو نه ڏنو آهي. پرويز الاهي مارچ مهيني ۾ داخل ٿيل ڪيسن ۾ اسلام آباد پوليس کي  گهرجي. جنهن جي لاءِ ثبوتن کي گڏ ڪرڻو آهي. مخبر مدعي کي ٻڌايو ته پرويز  الاهي شامل هو. پراسيڪيوٽر موقف ڏنو ته ڏنڊا، گاڏيون، مددگار ماڻهن  جي حوالي سان پرويز الاهي جو جسماني ريمانڊ گهرجي، ان کي قانون موجب گرفتار ڪيو ويو آهي. جنهن کان پوءِ عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ پوليس جي استدعا منظور ڪندي پرويز الاهي جو ٻن ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪري ورتو. عدالت پرويز الاهي جي گهر ڀاتين سان ملاقات ڪرائڻ جي درخواست منظور ڪندي کيس 8 سيپٽمبر تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button