بريڪنگ نيوزسنڌ

سيشن ڪورٽ جيڪب آباد ۾ صدام لاشاري جي ڪيس جي ٻڌڻي

ٺل(ن م) گذريل چار مهينا اڳ ٺل پوليس ھٿان گرفتار ڪيل صدام لاشاري کي ٻہ ڏينهن لاڪ اپ رکڻ بعد کڻي وڃي جيڪب آباد جي آباد ٿاڻي جي حد ۾ ڪوڙو پوليس مقابلو ڄاڻائي گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪيو ويو هو۔ شھيد صدام حسين لاشاري جي ڪيس لاءِ جڙيل جوڊيشل انڪوائري تحت اڄ سيشن ڪورٽ جيڪب آباد ۾ ٻڌڻي ٿي۔جنهن ۾ صدام حسين لاشاريءَ جي ڀيڻ مسمات حسينه لاشاريءَ ۽ جاويد ساغر پنهنجي وڪيلن ايڊوڪيٽ روشن ڪنراڻي, ايڊوڪيٽ محمد نواز رند, ايڊوڪيٽ زاهد حسين سومرو,ايڊوڪيٽ خالد حسين جکراڻي, ايڊوڪيٽ اياز احمد نوناري جي معرفت سڀني گواهن سميت پيش ٿيا۔ اڄ تمام گواهن جا بيان مڪمل ٿي ويا آھن.ايس ايڇ او غلام نبي بجاراڻي ايس ايڇ او نبي بخش ڏاهاڻي وڏو منشي بقا محمد مهر ۽ ٻيا پوليس اهلڪار پيش ٿيا۔ جڏهن ته ايندڙ ٻڌڻي 12 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي آھي۔ ان موقعي تي جڙتو پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل صدام حسين لاشاريءَ جي ڀيڻ جو چوڻ هو ته اسان کي جوڊيشل انڪوائري ۾ ڪورٽ سڳوريءَ ۾ انصاف ملڻ جي اميد آهي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button