بريڪنگ نيوزسنڌ

ملڪ خاص ڪري سنڌ جي پرائمري تعليم تباهه آهي، سُڌاري لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن: مدد علي سنڌي

حيدرآباد/ڪوٽڙي (نمائندن وٽان) تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته ملڪ خاص ڪري سنڌ جي پرائمري تعليم تباهه آهي، جنهن کي سڌارڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون پيون وڃن. وفاق جيڪوشش آهي ته سنڌ جي سمورن تعليمي ادارن ۽ انهن جي مسئلن کي اوليت جي بنياد تي حل ڪيو وڃي. نگران وفاقي وزير اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو ۾ نيشنل انڊومينٽ اسڪالر فار ٽيلينٽ  اسڪيم تحت چيڪ ورهائڻ واري تقريب دوران خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ نوجوان شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اوليت جي بنياد تي اسڪالر شپ ڏني پئي وڃي ۽ اسان جي ڪوشش هوندي ته سنڌ جي پٺ تي پيل علائقن سان تعلق رکندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سرڪار طرفان ملندڙ اسڪالر شپ ميرٽ جي بنياد تي ڏني وڃي. هن وڌيڪ چيو ته منهنجي ڪوشش آهي ته آئون جيڪو ڪم ڪيان اهو اسپاٽ تي وڃي ڏسان ۽ ان جي بهتري لاءِ ڪوشش ڪيان. ڇاڪاڻ ته جيسيتائين اسان پنهنجن ادارن جي مالڪي نه ڪنداسين ۽ انهن جي بهتري لاءِ ڪوششون نه وٺنداسين تيستائين ته اهي بهتر ٿي نه سگهندا. اڄ آئون اهڙي اداري ۾ تي پهتو آهيان جنهن سان منهنجون يادون سلهاڙيل آهن، ابتداي تعليم حاصل ڪندي 5 سال گذاريا آهن ۽ آئون هن اداري جو شاگرد رهيو آهيان ۽ يويونيورسٽي جي هر حصي کان واقف آهيان ۽ هن جي ڀرپاسي جون يونيورسٽيون به سنڌ يونيورسٽي جي پيداوار آهن اڄ سنڌ يونيورسٽي، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي، شهيد الهه بخش سومرو يونيورسٽي جي شاگردن کي اسڪالر شپ ڏئي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان. ڇاڪاڻ ته منهنجي اها خواهش هئي ته نيشنل انڊومينٽ ٽرسٽ مان سنڌ جا نوجوان به مستفيد ٿين. نوجوان اڳتي وڌي اعليٰ تعليم خاص ڪري سائنسي تعليم ۾ پنهنجو پاڻ مڃرائين،  ڇاڪاڻ ته هاير ايجوڪيشن ڪميشن ۽ نيشنل ايڊومينٽ اسڪالرشپس فار ٽينلٽ ۾ 5  ملين ارب روپيا بئنڪ ۾ پيل هئا، جيڪي ملڪ جي سمورن صوبن  جي ذهين ۽ هوشيار شاگردن کي ڏنا پيا وڃن، اهي اسڪالر شپ ڏيڻ لاءِ سنڌ مان 2 نمائندا شامل ڪيا آهن، منهنجي ڪوشش هوندي ته سنڌ جي تعليم بهتر ٿئي ڇاڪاڻ ته 18هين ترميم کانپوءِ تعليم جو شعبو صوبن جو مضمون رهيو آهي، مون سنڌ جي يو نيورسٽين  جي وائيس چانسلرن سان ملاقات ڪري انهن جا مسئلا ٻڌا آهن ۽ انهن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته تعليم جي معيار جي بهتري لاءِ 16 آڪٽوبر تي ڪانفرنس گهرائي آهي جنهن ۾ تعليم جي معيار بهتر ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ويندي ۽ انهن لاءِ تجويزون ورتيون وينديون، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جن يونيورسٽين ۾ مسئلا آهن انهن کي هو حل ڪري رهيا آهن پر اهي يونيورسٽيون سياسي دٻاءُ ۾ اچي ڀرٿيون نه ڪن جنهن جي وڌيڪ ماڻهو ڀرتي ٿيڻ سان انهن جا مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن. جڏهن ته  وفاقي وزير تعليم ۽ نامياري دانشور مدد علي سنڌي حيدرآباد ۾ صحافين سان ملاقات ڪرڻ دوران ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي چيو ته حيدرآباد پريس ڪلب منهنجو ٻيو گهر آهي. هن چيو ته هن هنڌ تي پهرين اسپتال هوندي هئي. هي پريس ڪلب ڍاڪا کان پهريون ٺهيو هو. هن چيو ته علي حسن ئي پريس ڪلب جي عمارت کي ٺاهيو آهي. هن چيو ته جواني اخبارن جي بند ڪمرن ۾ گذري. جواني جا ڏينهن حيدرآباد پريس ڪلب ۾ گذريا. سنڌ نيوز ۾ تلخ ڏينهن گذريا. هن چيو ته صحافين جي زندگي نه بدلي آهي. صحافت ۾ محنت جي اجرت نه ٿي ملي. سنڌ نيوز اخبار نرسري هئي. هن چيو ته اسان تعليم جي ميدان ۾ ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا. 18هين ترميم کانپوءِ تعليم جو شعبو صوبن حوالي آهي. هن چيو ته سرڪاري اسڪول هاڻ ترجيحات ۾ نه رهيا آهن. هن چيو ته نجي اسڪول ۾ ٻار نه ٿا پڙهائي سگهون.  فيسون تمام گهڻيون ڳريون آهن. هن چيو ته سرڪاري اسڪولن کي فنڊز ملي رهيا آهن. هڪ اداري ۾ وائيس چانسلر جي پوسٽ ختم ڪئي آهي. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ سائنس ۾ ڪيترن نوجوانن پي ايڇ ڊي ڪئي آهي اهو ته ٻڌائين. هن انڪشاف ڪيو ته هڪ نوجوان هڪ  ليکڪ جو ڪتاب جو ترجمو ڪري پنهنجي ٿيسز نالي تي جمع ڪرائي  نوڪري ورتي آهي. ان جي هاڻ نوڪري هلي ويندي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button