بريڪنگ نيوزسنڌ

حيدرآباد پوليس جي ڪارروائي،ٽي جوابدار گرفتار،وڏي مقدار ۾منشيات هٿ

حيدرآباد(جي ايم چانڊيو)حيدرآباد بلديا پوليس پاران ڪارروائي دوران ڪچو مال مين پوري جي وڏي سپلائي ناڪام ڪندي ٽن سپلائر کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ، ترجمان موجب ايس ايڇ او بلديا ڪاشف حسين گاڏھي پنهنجي اسٽاف سان گڏ عبدالستار ايدھي روڊ ويجهو ڳجھي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي، پوليس موجب گرفتار سپلائر جي سڃاڻپ لونگ ملاح، راجو ٺاڪر ۽ جاني ملاح طور ٿي، جن جي قبضي مان تلاشي دوران مزدا مان 150 عدد ڪٽن مان 1.500 ڪلو گرام ڪچو مال ۽ 500 عدد تيار شدھه مين پوري ھٿ ٿي، پوليس موجب شروعاتي جاچ موجب ھٿ ٿيل خام مال حيدرآباد سميت ڀرپاسي جي مختلف علائقن ۾ سپلائي ٿيڻو ھو، بلديا پوليس ھٿ آيل منشيات پنهنجي تحويل ۾ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button