بريڪنگ نيوزسنڌ

سجاول ۾ آبادگارن جي سارين جي اگهه ۾ گهٽتائي ۽ ڪٽوتي خلاف گڏجاڻي، ڌرڻو

سجاول (ڊ ر) رائيس ملز مالڪن پاران سارين جو اگهه گھٽائڻ ۽ ناجائز ڪٽوتين خلاف سجاول ۾ آبادگارن جي ھڪ ڌڙي پاران امير البحر اڳواڻن جي ميزباني ھيٺ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي ۽ ٻئي ڌڙي پاران ڌرڻو هڻي مين نيشنل هائي وي بند ڪيو ويو جنھن سبب ڪيترائي ڪلاڪ روڊ بند هئڻ ڪري وڏي انگ ۾ گاڏيون جمع ٿي ويون. گڏجاڻي ۽ ڌرڻي ۾ شريڪ آبادگارن پاران سارين جو سرڪاري اگهه مقرر ڪرڻ ۽ ناجائز ڪٽوتيون ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ اميرالبحر جي مرڪزي اڳواڻ احمد ملاح جي ميزباني ۾ اميرالبحر جي آفيس تي آبادگارن جي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جنهن ۾ ايوان زراعت جي اڳواڻن حاجي قادر بخش لغاري، حاجي ذاڪر ڪلاتري، غلام مصطفيٰ، ابو ڀرڳڙي، سليمان ميمڻ، نور محمد ملاڻو سميت وڏي انگ ۾ آبادگارن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي آبادگارن مطالبو ڪيو ته سارين جو اگهه گھٽائڻ ۽ ناجائز ڪٽوتين سميت آبادگارن سان ٿيندڙ زيادتيون بند ڪيو وڃن، گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڊي سي سجاول پاران جمعي واري ڏينهن آبادگارن ۽ مل مالڪن سان رکيل ڳالهين کانپوءِ آبادگارن جا جائز مسئلا حل نه ڪيا ويا ته اسان وڌيڪ احتجاج جي لائحه عمل جو اعلان ڪنداسين۔ ٻئي پاسي سجاول جي آبادگارن صدام چانگ، ساجد علي جماري، عبدالرشيد پليپوٽو جي اڳواڻي ۾ سجاول-ٺٽو روڊ تي برانچ موري وٽ ڌرڻو هڻي احتجاج ڪندي چيو ته  ملز مالڪن هٺ ڌرمي ڪندي آبادگارن جو معاشي استحصال ڪري رهيا آهن، هنن چيو ته سارين جو فصل تيار ٿيڻ کان اڳ في مڻ 45 سئو روپيا ڏنو پئي ويو ۽ جيئن ئي سارين جو بمپر فصل مارڪيٽ ۾ اچڻ شروع ٿيو آهي ته ملز مالڪن ۽ مافيا پاران سارين جو في مڻ 3 هزار روپيا ڏنو پيو وڃي. ان کان علاوه في مڻ تي سارين جي آلاڻ هجڻ (موسچر) مڪس ان هجڻ، ايڪتال ۽ ٻين مختلف بھانن سان 3 کان 5 ڪلو ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي جنهن ڪري آبادگارن کي ٻٽو نقصان برداشت ڪرڻ پئجي رهيو آهي، هنن چيو ته اسان آبادگارن ٻج، ڀاڻ، زرعي دوائن ۽ پاڻي تي ڳرا خرچ ڪري سارين جو فصل پوکيو آهي ۽ راتين جا اوجاڳا ڪري نانگ لتاڙي فصل تيار ڪري مارڪيٽ آڻيون پيا ته مل مالڪن ۽ سرمائيدارن هڪ هٽي قائم ڪري سارين جو اگهه ڪيرائي ڇڏيو آهي پر اسان مل مالڪن اهڙي ناانصافي ۽ ظلم هرگز برداشت نه ڪنداسيين، هنن چيو ته نگران حڪومت نوٽيس وٺي سارين جو مناسب اگهه مقرر ڪري اسان کي معاشي طور ڪنگال ٿيڻ کان بچائي نه ته اسان پنهنجي احتجاج جو دائرو وڌائينداسين، آبادگارن جي مين نيشنل هائي وي تي ڪيترائي ڪلاڪ ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنهي طرفن کان وڏي تعداد ۾ گاڏيون جمع ٿي ويون ۽ مسافرن کي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي ويو. ڌرڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر سجاول عبدالواجد شيخ ۽ اڳوڻو ايم پي اي شاھ حسين شاھ شيرازي ڌرڻي واري هنڌ پهچي آبادگارن سان ڳالهيون ڪيون، جتي ڊي سي سجاول چيو ته جمعي واري ڏينھن آبادگارن ۽ مل مالڪن جي گڏجاڻي رکرائي مسئلو حل ڪرايو ويندو، اهڙي خاطري بعد آبادگارن ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button