بريڪنگ نيوزقومي

ڀارت سڄي دنيا ۾ دهشتگردي جو ڪينسر ڦلهائي رهيو آهي: مشعال ملڪ

لاهور (اين اين آءِ)  وزيراعظم جي انساني حقن بابت خاص مددگار مشعال ملڪ چيو آهي ته نريندر مودي دنيا کي ٽين عالمي جنگ ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ اسرائيل کي ڀڙڪائي رهيو  آهي. هٿي خالي فلسطيني پنهنجي زمين جي دفاع لاءِ وڙهيا  رهيا آهن. جيڪڏهن اولهه ميڊيا فلسطينين  کي جدوجهد کي اسرائيلي رياست  کي حملي  طور پيش ڪري رهيو آهي ته پوءِ هيءَ ان لاءِ سوچڻ جي گهڙي آهي. هر قسم جي طاقت ۽ وسيلن جي باوجود ان جي سيڪيورٽي جو ڇا حال آهي. اقوامي  متحده، او آئي سي سميت ٻيون تنظيمون ۽ طاقتور ملڪ موجود حالتن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ دنيا کي جنگين  کان بچايو وڃي. عالمي برادري پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽  ڪشميرين  ۽ فلسطينن کي آزاد ڏياري وڃي. ڇو ته ڪشمير ۽ فلسطينن جي آزادي کان سواءِ جٽادار امن ممڪن ناهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن علامه محمد اقبال جي مزار تي حاضري کان پوءِ ميڊيا سان ڪيو. مشعال ملڪ علامه اقبال جي مزار تي گل رکيا ۽ فاتح پڙهي. هن چيو ته ڪشمير ۽ فلسطين جي تحريڪ جي ڳالهه ڪئي وڃي ته ان ۾ هڪجهڙائي آهي. علامه اقبال الڳ وطن جو خواب ڏٺو.  جنهن کي قائد اعظم محمد علي جناح عملي شڪل ڏني. ڀارت ۾ آر ايس ايس جي شڪل ۾ مودي جي حڪومت اقليتن تي ظلم ڪري رهي آهي. رڳون مسلمانن جا حق ڦٻايا  ناهن ويا. سکن، مسيحن تي ڏاڍ ڪيو ويو. عبادگاهن کي نشانو بڻايو ويو. هن چيو ته هن غذا اندر جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي. دل رت جا ڳوڙها روئي ٿي. اڄ آزادي واري تحريڪ کان بدتر حالتون آهن. ڪشميرين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ تي ياسين ملڪ کي تهاڙ جيل ڊيٿ سيل ۾ رکيو ويو آهي. آر ايس ايس  پاران کيس ڦاهي ڏيڻو پلان جوڙيو پيو وڃي. هن چيو  ته اسرائيل فلسطين ۾ مسلمان جي نسل ڪشي ڪري رهيو  آهي.  والاريل ڪشمير ۾ به 5 آگسٽ 2019کان پوءِ ان ۾ تيزي آئي آهي. فلسطين ۽ ڪشمير ۾ جنيوا ڪنوينشن ۽ ٻين انٽرنيشنل قانونن جا بکيا اڊيڙيا پيا وڃن. مشعال ملڪ چيو ته علامه اقبال جي مزار تي حاضري ڀرڻ جو مقصد  ان فڪر سان روحاني ڳانڍاپو آهي. علامه اقبال خوديءَ  جو مقصد قوم کي ٻڌايو ۽ بانگ درا  شاهين جو درس ڏنو.  ڪشمير هجي يا فلسطين  ٻنهي قومن جي ڳالهه پنهنجي شاعري ۾ ڪئي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button