بريڪنگ نيوزقومي

جيڪڏهن اسان کي معاشي ترقي ڪرڻي آهي ته سياسي استحڪام آڻڻو پوندو: شهباز شريف

لاهور (اين  اين آءِ )اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف چيو  آهي ته نوازشريف جي حڪومت واري دور ۾ ڀارت به پاڪستان جي ترقي کي مڃيو هو ۽ اسان جي ترقي کي ڏسي سڄي دنيا حيران هئي هاڻ  اهو وقت ٻيهر اچڻ وارو آهي قوم نوازشريف جو تاريخي استقبال ڪندي. لاهور ۾  واپارين جي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مسلم ليگ(ن) جي صدر ميان شهباز شريف چيو ته اڄ وقت جي  اهم ضرروت آهي ته هن ملڪ ۾ معاشي ۽ سياسي استحقام اچي ، جيڪڏهن اسان کي معاشي ترقي ڪرڻي آهي ته سياسي استحقام آڻڻو پوندو، نواز شريف جي اڳواڻي ۾ اسان رياست کي بچايو ۽ سياست جي پرواهه نه ڪئي. جيڪڏهن خدا نه ڪري  رياست نه پچي ها ته سياست ته دفن ٿي وڃڻي هئي. رياست بچي وئي آهي. سياست به بچي ويندي. انشاءَالله  نواز شريف 21 آڪٽوبر تي ايندو ۽ پاڪستان ان جي اڳواڻي  ۾ ترقي جو سفر اتان شروع ڪندو جتان 2017ع تي روڪيو ويو هو. 21 آڪٽوبر تي نواز شريف جو شاندار استقبال ڪري کين ٻڌايو ته پورو پاڪستان ان جي اوسيئڙي ۾ آهي.   نوازشريف پاڪستان کي دنيا جي پهرين اسلامي ايٽمي طاقت بنايو. ملڪ کي اونداهين مان ڪڍيو، دهشتگردي جو خاتمو ڪيو. ملڪ ۾ اورنج ۽ گرين لائن بسون ۽ ٽرينون هلايون. اورنج لائن جهڙو منصوبو سڄي ملڪ ۾ ڪٿي به نه آهي. رنگ روڊ منصوبو نه هجي ها ته لاهور جي ٽريفڪ جي ڪهڙي حالت ٿئي هئا. اهي سڀ منصوبا نوازشريف جي اڳواڻي ۾ مڪمل ٿيا. اسان نوازشريف جو ملڪ واپسي تي سندس تاريخي استقبال ڪنداسين. شهباز شريف چيو ته نوازشريف جي دور ۾ ملڪ ترقي جي رستي تي هلي رهيو هو پر نوازشريف جي خلاف سازشون ڪري کيس هٽايو ويو. هڪ دفعو ٻيهر اسان جي حڪومت آئي جنهن ۾ اسان کي مهانگائي ورثي ۾ ملي. پي ٽي آءِ سياست کي برباد ڪري ڇڏيو هو اسان رمضان ۾ 70 ارب جي سبسڊي ڏئي ڪي پي ڪي ۽ پنجاب ۾ سستو اٽو ڏنو. اسان سياست تي رياست کي ترجيح ڏني. جيڪڏهن رياست نه هجي ها ته سياست پاڻمرادو ختم ٿي وڃي ها. معاشي ترقي ڪرڻ لاءِ سياسي استحڪام آڻڻو پوندو. شهباز شريف وڌيڪ چيو ته اڄوڪي ڏينهن مارشل لا ذريعي نوازشريف جي حڪومت کي ٻيون ڀيرو خم ڪيو ويو.  هي اهو دور هو جڏهن ڀارتي وزيراعظم واجپائي چيو هو ته پاڪستان جي وجود کي دل سان مڃون ٿا. ڀارت سميت سڄي دنيا پاڪستان جي ترقي ڏسي حيران هئي ۽ جڏهن نوازشريف ٽيون ڀيرو وزيراعظم بڻيو ته  هن ملڪ کي هڪ دفعو ٻيهر اونداهين مان ڪڍيو.  جيڪڏهن عوام نوازشريف سان محبت ڪري ٿي ته 21 آڪٽوبر تي پنهنجي قائد جو پرجوش استقبال ڪندي. شهباز شريف وڌيڪ چيو ته نواز شريف جي اڳواڻي ۾ پاڪستاني ترقي ٻيهر اتان شروع ڪنداسين جڏهن 2018ع ۾ ان کي هڪ سازش تحت ختم ڪيو ويو هو. 21 آڪٽوبر تي نواز شريف جو اڳيان وڌي استقبال ڪيو ۽ ٻڌايو ته  پورو پاڪستان نواز شريف جو رستو ڏسي رهيو آهي ته الله تعاليٰ چاهيندو ته پاڪستان ضرور عظيم ملڪ بڻجندو.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button