بريڪنگ نيوزسنڌ

ماتلي ۾ مبينا ٻڏي ويل نوجوان جي وارثن جو احتجاج

ماتلي (ن م) ماتلي ٽنڊو محمد خان روڊ تي بارڻ چيڪ پوسٽ وٽ واھ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويل ٽنڊو سائينداد جي نوجوان 35 ورھين جي دوست علي ماڇي وارو معاملو اڃا تائين سلجھي نه سگھيو آھي، فوتي جي وارثن جو حيدرآباد بدين روڊ تي بارڻ چيڪ پوسٽ وٽ لاش رکي ڌرڻو ھنيو ويو، ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنھي پاسن کان وڏي انگ ۾ گاڏيون جمع ٿي ويون جڏهن ته مختلف شھرن ڏانھڻ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، مظاھرين رمضان ماڇي، عظيم ماڇي، ڌڻي بخش، پنھون ۽ ٻين چيو ته گذريل ڏينهن فوتي نوجوان دوست علي ماتلي ڪورٽ ۾ حاضري ڏئي واپس ڳوٺ اچي رھيو ھو ته ماتلي پوليس کيس گرفتار ڪري کيس وحشيانو تشدد ڪري مارڻ کانپوءِ لاش واھ ۾ اڇلائي ڊرامون ڪيو آھي ته ھن پوليس جي خوف ۽ گرفتاري کان بچڻ لاءِ ھن واھ ۾ ٽپو ڏنو آھي، مظاھرين پاران نوجوان جو قتل ڪيس ماتلي پوليس تي داخل ڪرڻ جي گھر ڪئي وئي، ھوڏانھن ماتلي پوليس ڌرڻي واري ھنڌ پھچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو .7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button