بريڪنگ نيوزسنڌ

تعليم کاتي سجاول جي عملدارن جي بيحسي، اسڪول ۾ استاد مقرر نه ٿي سگهيو

سجاول (ڊ ر) تعليم کاتي سجاول جي عملدارن بي حسي جي انتها ڪري ڇڏي، سجاول ويجھو ڳوٺ نظام ٻارڻ جي پرائمري اسڪول ۾ ڪيتري وقت کان استاد مقرر نہ ٿي سگهيو آهي، ڳوٺاڻن جو تعليم کاتي سجاول جي عملدارن خلاف احتجاج۔ ڳوٺ نظام ٻارڻ جي ڳوٺاڻن محمد ٻارڻ، محبوب، حاجي عارف ٻارڻ، يوسف ٻارڻ، صديق ٻارڻ، فاروق ٻارڻ ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو تہ گذريل 3 سالن کان اسان جي ڳوٺ پرائمري اسڪول محمد حسن ٻارڻ ۾ استاد مقرر نہ ٿي سگھيو آھي، جنهن تي اسان ڪيترائي ڀيرا تعليم کاتي سجاول جي عملدارن کي شڪايتون ڪيون آھن تنهن باوجود اسڪول تي استاد مقرر نہ ٿي سگهيو آهي، هنن چيو تہ اسڪول تي استاد مقرر نہ هئڻ ڪري ڳوٺ جي ھڪ سئو کان مٿي ٻارڙا تعليم جھڙي زيور کان محروم بڻيل آهن ۽ ڪيترائي شاگرد چوپايو مال چارڻ ۽ زمينن جو ڪم ڪري پنهنجو مستقبل تباھ ڪري رهيا آهن۔ ڳوٺاڻن سنڌ حڪومت، ڊپٽي ڪمشنر سجاول ۽ لاڳاپيل اداري جي اعلي آفيسرن کان مطالبو ڪيو آھي تہ لاڳاپيل اداري جي عملدارن خلاف نوٽيس وٺي اسان جي ڳوٺ جي اسڪول تي استاد مقرر ڪري بنيادي سهولتون مهيا ڪيون وڃن تہ جئين ڳوٺ جي ٻارڙن جو مستقبل تباھ ٿيڻ کان بچي سگهي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button