بريڪنگ نيوزقومي

پاڪستان کي غزا ۾ جاري تشدد ۽ جاني نقصان تي سخت ڳڻتي آهي: نگران وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان  کي جاري تشدد ۽جاني  نقصان تي وڏي ڳڻتي آهي. اسان فلسطين جي مظلوم عوام سان  ايڪي اتحاد لاءِ ان سان گڏ بيٺا آهيون ۽ غزا ۾ فوري جنگ بندي ۽ گهيرو  بند ڪرڻ چاهيون ٿا. سومر تي وزيراعظم آفيس مان جاري ڪيل ٽوئيٽ مطابق  وزيراعظم چيو ته اسرائيل جو غزا ۾ شهرين ڄاڻي واڻي بنا فرق ۽  غير متناسب  نشانو بڻائڻ، تهذيب جي سمورن اصول  خلاف ۽ انٽر نيشنل قانونن جي ڀڄڪڙي آهي.  هن چيو ته تشدد  گڏيل قومون ۽ عالمي برادري کي بنا دير  گهربل امدادي سامان جي چر پر لاءِ محفوظ ۽ لامحدود انساني  لنگهه کولڻ لاءِ ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان غزا جي تيزي سان بگڙجڻ  او آئي سي ۽ ان جي ميمبر ملڪن سان ويجهي رابطي ۾ آهي. پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني  18 آڪٽومبر تي او آئي سي جي  ايگزيٽوي ڪاميٽي جي هنگامي  اجلاس ۾ شرڪت ڪندو ۽ غزا جي ماڻهن  جو تڪليفون ختم ڪرڻ لاءِ تڪڙن قدمن تي زور ڏيندو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button