بريڪنگ نيوزسنڌ

اليڪشن ڪميشن پاران سنڌ جي ٻوڏ متاثرن علائقن جي لاءِ اسپيشل پلان جوڙڻ جو حڪم، چونڊن ۾ فوج ۽ رينجرز کان مدد وٺڻ جو فيصلو

ڪراچي (بيورو) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو آهي ته چونڊن جي غير جانبدار ۽ پرامن انعقاد لاءِ سمورا وسيلا استعمال آندا  وڃن، چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ عام چونڊن بابت اهم اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ چئني صوبن جي ميمبرن، سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ۽ آءِ جي سنڌ شرڪت ڪئي. سڪندر سلطان راجا چيو ته چونڊ عمل ۾ لاپرواهي ڪندڙ آفيسرن ۽ عملي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن عام چونڊن جي تيارين جي حوالي سان بريفنگ ڏني، ووٽر لسٽن جي تازه ڪاري ۽ ووٽرن جي رجسٽريشن بابت به آگاهه ڪيو، اليڪشن ڪميشن کان مدد به ورتي ويندي. ان موقعي تي چيف اليڪشن ڪمشنر ٻوڏ متاثر علائقن لاءِ خاص پلان تيار ڪرڻ جا به حڪم ڏنا. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ 2 ڪروڙ 67 لک 83 هزار 254 رجسٽرڊ ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا، سنڌ ۾ قومي اسيمبلي جي 61 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 130 سيٽن تي چونڊون ٿينديون. آءِ جي سنڌ رفعت مختار چيو ته سنڌ پوليس پاران سيڪيورٽي پلان تيار ڪيو ويو آهي، عام چونڊن ۾ 1 لک 10 هزار 334 پوليس اهلڪار سيڪيورٽي جا فرض سرانجام ڏيندا. رفعت مختار چيو ته ڪوئڪ رسپانس فورس کي به الرٽ ڪيو ويندو، ڪنهن به اڻوڻندڙ ​​واقعي جي صورت ۾ اليڪشن جي پرامن انعقاد لاءِ ڪابه ڪسر نه ڇڏي ويندي. غير جانبدار ۽ پرامن چونڊن لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا ويندا، چونڊ عمل ۾ ڪوتاهي ڪندڙ اهلڪارن ۽عملي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي: چيف اليڪشن ڪمشنر صاف ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ بهترين جمهوريت جون ضامن ثابت ٿينديون، ڪنهن به قسم جي سياسي لحاظ کان سرڪاري ملازمن جي طرفداري برداشت نه ڪئي ويندي سنڌ ۾ 2  ڪروڙ 67 لک 83 هزار 2 سئو 54 رجسٽرڊ ووٽر پنهنجي حق راءِ جو  استعمال ڪندا، سنڌ ۾ قومي اسيمبلي جي 61 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 130 سيٽن تي چونڊون ٿينديون، 4 هزار 4 سئو 30 پولنگون انتهائي حساس قرار ڏنيون ويون آهن.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button