بريڪنگ نيوزسنڌ

دادو ۾ ڳوٺاڻن جو پوليس جي مبينا زيادتين ۽ انصاف نه ملڻ خلاف احتجاج

دادو(ڊ-ر) خدا آباد ٿاڻي جي پوليس جي مبينا زيادتين ۽ انصاف نه ملڻ خلاف ڳوٺ مڌو سولنگي جي رهواسين سينگار سولنگي، راجا سولنگي، منظور سولنگي ۽ ٻين دادو پريس ڪلب پهچي احتجاج بعد پريس ڪانفرنس ڪندي دانهيو ته ٽي ڏينهن اڳ گهٽي جي لنگهه تان جوابدارن حسين، آچر، اسماعيل، منٺار، حميد، وارث، خدا بخش، شهمير ۽ ٻين حملو ڪري فائرنگ ڪئي گوليون ۽ ڏنڊا لڳڻ سبب عورت مريم سولنگي سميت اسان جا 7 ڄڻا علي خان، شعبان، اصغر،، الهڏنو، جاويد، دلشير زخمي ٿي پيا، جنهن مان اصغر سولنگي جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب ڪراچي جي اسپتال ۾ زير اعلاج آهي، هنن چيو ته خدا آباد پوليس با اثر جوابدارن کان ڳري رشوت وٺي گرفتار ٿيل هڪ جوابدار حميد سولنگي کي آزاد ڪري ڇڏيو جيڪو سعودي عرب وڃي رهيو آهي، هنن چيو ته واقعي جو ڪيس گذريل رات خدا آباد ٿاڻي تي داخل ڪرايو آهي پوليس هن وقت تائين با اثر جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ جوابدارن جي گهرن تي ڇاپو به نه هنيو آهي، هنن چيو ته جوابدار هٿيار کڻي سرعام گهمندا وتن ٿا، ۽ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هنن آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد، ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن جي ڌر بڻيل ايس ايڇ او خلاف ڪاروائي ڪري ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button