بريڪنگ نيوزسنڌ

ايپڪاپاران پينشن اصلاحات ۽ پگهارون گهٽ ڪرڻ خلاف حيدرآباد ۾ احتجاج

حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) آل پاڪستان ڪلرڪ اسيوسيئيشن سنڌ پاران ملازمن جي پينشن اصلاحات ۽ پگهارون گهٽ ڪرڻ خلاف اڄ شهبازبلڊنگ حيدرآباد ۾ ڀرپور احتجاج ڪيو ويو جنهن ۾ هم خيال ٽيچرس ايسوسيئيشن  ۽ پ ٽ الف ڀرپور ساٿ ڏنو_ ان موقعي تي ايپڪا سنڌ جي صدر سيد منور علي شاهه، سينيئر نائب صدر ايپڪا سنڌ راجا امام بخش، جنرل سيڪريٽري سنڌ عقيل قريشي، نائب صدر جونئير عبدالحفيظ ناريجو، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ايپڪا زين اڪبر،هم خيال جي چيئرمين سيد عطاالله شاهه، صدر سيد عمران، آپا شميم آرا،هائي ويز جي صدر رياض احمد، لائيو اسٽاڪ جي جنرل سيڪريٽري محمد اسلم لاشاري، صدر نثار احمد سومرو کان علاوه شهباز  بلڊنگ جي سمورن سرڪاري ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽  چيو ته حڪومت پاڪستان طرفان جيڪا پينشن ۾ تبديلي جو اعلان اصلاحات جي نالي تي سرڪاري ملازمن تي جيڪو ظلم ۽ زيادتي ٿيڻ وڃي رهي آهي ان کي اسان سمورا سرڪاري ملازم هرگز قبول نه ڪنداسين _ پاڪستان جي سرڪاري ملازم جو هڪ سفيد پوش طبقو آهي اهو اڳئي ان مهانگائي جي ڪري پريشان آهي ۽ بدحالي جوشڪار آهي ان کي وڌيڪ تباهه و برباد نه ڪيو وڃي ان ظلم جهڙي مهانگائي، پيٽرول جي اگهن ، بجلي جا وڌندڙ اگهه، کاڌ خوراڪ وارين شين جون وڌندڙ قيمتون ، تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪول ، ڪاليج ، يونيورسٽي جي فيس ۽ هاڻي زندگي جي آخري اثاثي کي ڪٽ هڻي اسان جي ٻچن کي پنڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي _ اهڙي ڪڌي عمل خلاف سمورا سرڪاري ملازم تمام گهڻو عزيت جو شڪار آهن_ آل پاڪستان ڪلرڪ ايسوسيئيشن هميشه وانگر ملازمن سان گڏ آهي جيڪڏهن پينشن اصلاحات جي نالي سان ڪنهن سرڪاري ملازمن سان ظلم ٿيو ته ايپڪا جي آل پاڪسان ايسوسيئيشن  پوري پاڪستان ۾ احتجاج جو دائرو وڌائيندي ۽ پنهنجي مطالبن جي منظوري  تائين پنهنجو احتجاج جاري رکندي _

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button