بريڪنگ نيوزسنڌ

سيڪريٽري ۽ ڊي جي اطلاعات پاران ٽنڊو الهيار ۽ ميرپورخاص پريس ڪلب جو دورو، صحافين جي ڀلائي لاءِ ڪوششون جاري آهن: نديم الرحمان ميمڻ

ٽنڊوالهيار/ ميرپورخاص (نمائندن وٽان)  سيڪريٽري انفارميشن نديم الرحمان ميمڻ ۽ ڊائريڪٽر جنرل سوائي خان ڇلگري ٽنڊو الهيار پريس ڪلب پهتا، جتي انهن صحافين کان مسئلا معلوم ڪيا ۽ پريس ڪلب جو دورو ڪيو ٻئي طرف ميرپورخاص پريس ڪلب جي هال ۽ ٻئي تعميراتي ڪم جو افتتاح بعد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. چيو ته   سنڌ حڪومت پاران اڳ رڳو ڊويزنل هيڊڪوارٽرن جي پريس ڪلبن کي گرانٽ ملندي هئي، ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته تعلقي سطح تي به پريس ڪلبن کي گرانٽ ملي، صحافين جي فلاح لاءِ ڪوششون جاري آهن. ان موقعي تي سيڪريٽري اطلاعات ميرپورخاص پريس ڪلب لاءِ 50 لک گرانٽ جو چيڪ پڻ ڏنو. هن چيو ته حڪومت سنڌ صحافين جي فلاح ۽ بهبود لاءِ تمام گهڻيون ڪوششون ڪري رهي آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته غريب صحافين جي اهنجن ۾ ڪمي آڻجي. هن چيو ته اڳ ۾ ڊويزنل هيڊڪوارٽرن جي پريس ڪلبن کي گرانٽ ملندي رهي آهي، پر هن دفعي ميرپورخاص ضلعي جي تعلقن جي پريس ڪلبن کي به گرانٽ ڏني وئي آهي، جيڪا اميد ته ايندڙ سال وڌائي ويندي. ڊائريڪٽر جنرل انفارميشن ڊپارٽمينٽ سوائي کان ڇلگري چيو ته ميرپورخاص پريس ڪلب صحافين جي ڀلائي سميت قدرتي آفتن دوران جيڪي سماجي ڪم ڪيا آهن، ان مان اسان کي احساس ٿي رهيو آهي ته هن ڪلب جي گرانٽ تمام گهٽ آهي، اميد ته ايندڙ سال اها وڌائي ويندي. هن چيو ته جلد ميرپورخاص ضلعي جي تعلقا پريس ڪلبن جي به گرانٽ جاري ڪئي ويندي. هن چيو ته صحافي ۽ انفارميشن ڊپارٽمينٽ گڏجي معلومات عوام تائين شيئر ڪري رهيا آهن، جيڪو هڪ بهتر قدم آهي. ان موقعي تي پريس ڪلب جي صدر نذير پنهور خطاب ڪندي ميرپورخاص ڊويزن جي پريس ڪلبن جي مسئلن کان سيڪريٽري کي آگاهه ڪندي چيو ته ڊويزنل هيڊڪوارٽرز جي پريس ڪلبن کي ته فنڊز ملن ٿا پر ٻين پريس ڪلبن کي به فنڊز ڏنا وڃن ته جيئن اتان جي صحافين کي پنهنجا مسئلا حل ڪرڻ ۾ آساني ٿئي. هن چيو ته ميرپورخاص پريس ڪلب نه رڳو خوشين ۾ پر غمين به صحافين جي مالي سهائتا ڪندو رهي ٿو، ان سان گڏوگڏ ڪلب اندر صحافين جي ڪم ۾ آساني پيدا ڪرڻ لاءِ کين تمام گهڻيون سهولتون ڏنيون ويون آهن. هن چيو ته اسان جي وڌ ۾ وڌ ڪوشش آهي ته نوجوان صحافين جي تعليم ۽ تربيت تي وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن اهي پنهنجن پنهنجن ادارن لاءِ لاڀائتو ڪردار ادا ڪري سگهن.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button