بريڪنگ نيوزسنڌ

سنڌ جو ناليوارو ليکڪ، مترجم ۽ دانشور ولي رام ولڀ ديهانت ڪري ويو

حيدرآبا(اسٽاف:رپورٽر)سنڌ جو ناليوارو ليکڪ، مترجم ۽ دانشور ولي رام ولڀ بيماري سبب علاج دؤران ڪراچي جي ايس آءِ يوٽي اسپتال ۾ 85 سالن جي ڄمار ۾ ديهانت ڪري ويو. ولي رام ولڀ شوگر دل گڙدن جي بيماري سبب ڪافي ڏينھن کان علاج ڪرائي رھيو ھو. حيدرآباد ۾ سندس طعبيت وڌيڪ خراب ٿيڻ سبب کيس ڪراچي جي اسپتال ۾ علاج لاءِ ھڪ ھفتو اڳ داخل ڪيو ويو ھو جتي سندس علاج جاري ھو ۽ علاج دؤران نامياري اديب ولي رام ولڀ جي ساھ جوسڳو ٽٽي ويو ۽ پاڻ ھميشه لاءِ ھند ۽ سنڌ کي وڇوڙو ڏيندي ھميشه لاءِ وڇڙي ويو. نامياري اديب ولي رام ولڀ جو مڙھ ايمبولينس وسيلي ڪراچي کان حيدرآباد سندس رھائش گاھ تي پھچايو ويو. جتان سندس مڙھ کي  اگني سنسڪار  لاءِ حيدرآباد جي   مدد وليج، ھالا ناڪوآندو ويو. جتي نامياري اديب ولي رام ولڀ جون آخري رسمون ادا ڪندي سندس اگني سنسڪار ڪيو ويو. ولي رام ولڀ سوڳ وارن ۾ پويان ھڪ پٽ ڪمليشور ۽ 2 نياڻيون ڇڏيون آھن. نامياري اديب ليکڪ ولي رام ولڀ جي وڇوڙي تي اديبن ليکڪن شاعرن ڪھاڻيڪارن صحافين سياسي سماجي ادبي حلقن ۾ ڏک واري لھرڇانئجي وئي آھي.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button