بريڪنگ نيوزقومي

مسلمان حڪمرانن جو ڪم غزا جي مسلمانن کي کاڌو ۽ دوائون نه هٿيار پهچائڻ آهي:سراج الحق

اسلام آباد(بيورو) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته مسلمان حڪمرانن جو ڪم غزا جي مسلمانن کي کاڌو ۽ دوائن پهچائڻ نه پر مدد ۽ هٿيار پهچائڻ آهي. اسلام آباد ۾ غزا مارچ سان خطاب ڪندي سراج الحق اعلان ڪيو ته 19 نومبر تي لاهور ۾ ملين مارچ ڪنداسين، اسلام آباد ۾ ڊنل حڪمرانن اسان جي ڪارڪنن تي لٺبازي ڪئي، پڇان ٿو ته توهان ڪنهن کي خوش ڪرڻ چاهيو ٿا؟ هن چيو اسان آمريڪي سفارتخاني اڳيان احتجاج جو اعلان ڪيو ته آمريڪي ترجمان اسان جي حڪمرانن سان رابطو ڪيو، آمريڪا خدشو ظاهر ڪيو ته اسان جي سفارتخاني تي قبضو ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته اسان غزا جي مسلمانن سان گڏ بيٺا آهيون، اسرائيل جيستائين ظلم بند نٿو ڪري احتجاج جاري رکنداسين، اسان جي مسلمان حڪمرانن پنهنجي ذميواري ادا ناهي ڪئي، جڏهن ته ترڪيه جي صدر اسرائيل کي زبردست پيغام ڏنو آهي. سراج الحق چيو ته مسلمان حڪمرانن هاڻ آمريڪا ڏانهن ڏسڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، کين چوان ٿو ته توهان جو ڪم غزا جي عوام کي بچائڻ آهي، دشمن جي ٽئنڪن جو مقابلو ڪرڻ آهي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button