بريڪنگ نيوزسنڌ

ڦلهڏيون ڀرسان محفل ميلاد النبي صه ۽ يارهين شريف جو پروگرام منعقد

ڦلھڏيون (فقير دلبھار نقرچ) پاڪستان ضلعو سانگهڙ تعلقه کپرو سڪندري سني اصلاحي پروگرام تحت ميلاد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم ۽ يارھين شريف جو عظيم الشان جلسو ڳوٺ حاجي خان راڄڙ لڳ ڀٽياڻي ۾ زير انتظام فقير شفيع محمد راڄڙ، حاجي محمد امين راڄڙ، بھاول راڄڙ طرفان عظيم الشان جشن عيد ميلادالنبي صه ۽ يارھين شريف جو جلسو ٿي گذريو جنھن ۾ خصوصي خطاب مولانا ڊاڪٽر حق النبي  سڪندري اظھري جن ڪيو. جڏھن خاص مھمان مفتي الله ورايو سڪندري ناظم اطلاعات جميعت علماءِ سڪندريه پاڪستان  علامه مفتي علي نواز سڪندري ھئا، اسٽيج سيڪريٽري مولانا شيخ الحديث وتفصير احمد علي سڪندري ۽  جميعت علماءِ سڪندريه پاڪستان  جا مرڪزي ۽ ضلعي عھديدار مولانا شاهه محمد سڪندري، علامه مولانا امام بخش سڪندري، عطا محمد سڪندري ۽ ٻين خصوصي شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر حق النبي سڪندري اظھري پنهنجي خطاب ۾ چيو ته حضرت پير سائين روضي ڌڻي (رحه) قرآن ۽ شريعت محمدي جي تابيداري جو سبق سيکاريو ۽ ڏنو آھي ۽ ان تي ڪاربند رھڻ لاءِ جماعت ۾ سوين خليفا تيار ڪري جماعت ۾ قرآن ۽ شريعت جي پروگرام کي عام ڪريو اڄ ڏينھن تائين اھل سنت ولجماعت درود و سلام پڙھڻ وارا ان تي متفق آھن. اسان ھميشه شريعت جي پابندي ڪئي آھي، شريعت اسان جي مٿي جو تاج آھي ۽ شريعت پاڪ تي استقامت ڪرڻ وارا ٻنھي جھانن ۾ ڪامياب ۽ سرخرو ٿيندا. اعلى حضرت پير سائين پاڳارا جن جي سرواڻي ۾ سڪندري علماءِ ڪرامن جون سرگرميون جاري آھن، جامعه راشديه ۽ مدرسه رات ڏينھن قرآن ۽ سنت جو پيِغام عام ڪري رھيا آھن. ھن عظيم الشان جلسي جشن عيد ميلادالنبي صه ۽ يارھين شريف ۾ اڳوڻو ناظم فقير حاجي خدا بخش حمزو خان درس، خليفو محمد رمضان پھوڙ، فقير شوڪت ھنڱورجو، وڏيرو قمرالدين راڄڙ،  اما بخش ڀيو، خليل احمد نقرچ، دين محمد مھر، ايم ملوڪ درس، حاجي عبدالرحمان درس، يعقوب درس، محمد وارث برڙي  ۽ تمام عاشقان رسول صه وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي پروگرام جي اختتام تي اعلى حضرت پير سائين پاڳارا جي خضري حياتي، پاڪستان جي افواج، حر فورس ۽ فلسطينين لاءِ خصوصي دعا گھري وئي ۽ آيل جماعت لاءِ لنگر جو پڻ بندوبست ٿيل ھو.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button