بريڪنگ نيوزقومي

معاشي استحڪام ضروري آهي، اڪناميڪ ايجنڊي کي ڪنهن به صورت متاثر نه ٿيڻ گهرجي: مرتضيٰ سولنگي

اسلام آباد (بيورو) نگران سڌ سماءَ واري وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته چونڊن جي اهتمام جي  ذميواري  اليڪشن  ڪميشن  آف پاڪستان جي آهي. مرتضيٰ سولنگي سان سنيٽر سليم مانڊوي والا  ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ايندڙ چونڊڻ سميت ملڪ جي  سياسي ۽ معاشي  صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي مرتضيٰ سولنگي چيو ته  نگران حڪومت چونڊن  جي اهتمام ۾ اليڪشن ڪميشن کي هر ممڪم معاونت ۽ سهولت فراهم ڪندي هن چيو ته سمورن سياسي پارٽين کي هڪ جيتا موقعا فراهم ڪيا ويندا. اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جو هر پارٽي کي  پورو حق حاصل آهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته ملڪ ۾ معاشي استحڪام ضروري آهي.  پاڪستان  جي اڪناميڪ ايجنڊي کي  ڪنهن به صورت متاثر نه ٿيڻ گهرجي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button