بريڪنگ نيوزسنڌ

ٻيراڻي ۾ بدامني جو راڄ، ٻن دڪانن مان سامان چوري، شهر ۾ شٽربند هڙتال

ڄام نواز علي (رپورٽ: سليم لسڪاڻي) ٻيراڻي شهر ۾ نامعلوم چورن پاران ٻن دڪانن جي شٽر ۽ تالا ٽوڙي هزارين روپين جو سامان، روڪ رقم کڻي ويا بدامني خلاف شهرين پاڻ مرداو شٽر ڊائون هڙتال ڪري سڄو شهر بند ڪري  ميمڻ چوڪ تي ڌرڻو هڻي ٽنڊوآدم، ڄام نواز علي مين روڊ تي  ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏي، بدامني خلاف ٻيراڻي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي محبوب مگسي، منور راجپوت ۽ ٻين ٻڌايو ته مغرب ٿيندي نامعلوم ڦورو شهر ۾ داخل ٿي  دڪاندارن کان هٿيارين جي زور تي روڪ رقم ڦر ڪرڻ روز جو معمول بيڻل آهي اسان  ايس ايڇ او  ٻيراڻي کي بار بار شڪايتون ڪيون ليڪن ٻيراڻي پوليس ڪک ڀڃي ٻيڙو ناهي ڪيو  مجبورن مغرب نماز کانپوءِ سڄو شهر خوف وچان بند ٿي وڃي ٿو هنن وڌيڪ  چيو ته ٻيراڻي شهر جا دڪاندار واپاري ڦورن جي رحم ڪرم ٿي ڇڏيل آهن  شهرين پاڻ مرادو مجبور ٿي شهر ۾ شٽر ڊائون هڙتال ڪري بدامني خلاف روڊ بلاڪ ڪري احتجاج ڪيو، ٻيراڻي پوليس ڦورن ۽ چورن اڳيان بي وس بيڻل ايس ايس پي سانگهڙ کان گهر ٿان ڪيون ته ايماندار ايس ايڇ او مقرر ڪري شهرين کي تحفظ ڏنو وڃي، ايس ايڇ او ٻيراڻي شهرين سان ڳالهيون ڪيون ليڪن شهرين ايس ايڇ او ٻيراڻي جي هڪ به ٻڌي.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button