بريڪنگ نيوزسنڌ

ٽنڊو ڄام ۾ ڳوٺاڻن جو اڳوڻي آءِ جي جي مبينا ظلمن خلاف احتجاج

ٽنڊوڄام (ن م) ٽنڊوڄام جي ڳوٺ مراد جمالي ۽ الھڏنو جمالي جي رھواسين اڳوڻي آئي جي سنڌ غلام حيدر جمالي ۽ سندس پٽ عادل جمالي جي ظلم ۽ زيادتين خلاف ٻئي ڏينهن به عورتن ۽ ٻارن سميت ٽنڊوڄام پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج ڪندڙ اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي ۽ عادل جمالي جي ظلم خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪندا رھيا. انھي موقعي تي احتجاج ڪندڙن نيڪ محمد جمالي، محمد عيسيٰ، مسمات زاھده، فاطمه ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان چار سو سالن کان هنن ڳوٺن ۾ رهندا آهيون، اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي 2010 ۾ اسان جي ڳوٺن جي آسپاس تقريبن هڪ سئو ايڪڙ زمين خريد ڪئي هئي، انهي زمين جا اسين مورثي هاري آهيون ۽ انگريزن جي دور کان هارپو ڪري رهيا آهن. اڳوڻو آئي جي غلام حيدر غلام حيدر جمالي، سندس پٽ عادل جمالي ۽ سندس عزيز فائق جمالي ڏوهاري قسم جي هٿياربند ماڻهن کي گهرائي اسان جي پوکيل فصلن تي قبضو ڪري ورتو آهي ۽ اسان کان هارپو کسي، اسان کي زمين تان بيدخل ڪري ڇڏيو آهي. هنن زمين تي ۽ اسان جي ڳوٺن جي آسپاس خطرناڪ ڏوهاري هٿياربندن کي ويهاري ڇڏيو آهي. جيڪي رات ڏينهن هوائي فائرنگ ڪري دهشت ڦهلائي رهيا آهن جڏهن ته کين ايس ايڇ او ٽنڊوڄام، ڊي ايس پي ٽنڊوڄام ۽ حد جي پوليس جي مڪمل پٺڀرائي حاصل آهي. هنن چيو ته هنن بااثرن پوليس جي مدد سان اسان تي ڪوڙا ڪيس به داخل ڪرائي ڇڏيا آهن ۽ اسان کي ڳوٺ خالي ڪري ٽپڙ کڻي لڏي وڃڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته ڪنهن به وقت ڪو سنگين واقعو پيش اچي سگهي ٿو. جنهن جو ذميوار اڳوڻو آءِ جي غلام حيدر جمالي ۽ حد جي پوليس هوندي. ھنن آرمي چيف، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، وزير اعظم، وزير اعليٰ سنڌ ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيو ته اڳوڻي آئي جي غلام حيدر جمالي ۽ ان جي پٽ عادل جمالي ۽ فائق جمالي جي ظلم کان تحفظ ڏنو وڃي، کسيل ٻني ۽ فصل واپس ڪرايا وڃن ۽ هنن ۽ ساڻن سهڪاري پوليس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button