بريڪنگ نيوزسنڌ

ايندڙ اليڪشن لاءِ ڀرپور نموني تياري ڪري رابطا مهم کي تيز ڪيو وڃي: خليفو وريام فقير

سنجهورو (رپورٽ: حافظ هنڱورو) حر جماعت جي معزيز شخصيت ۽ اڳوڻو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر خليفو وريام فقير خاصخيلي سان سندس رهائشگاهه ورياماڻي هائوس سنجهورو تي فنڪشنل ليگ ليبر ونگ ضلعي سانگهڙ جي صدر طالب حسين آرائين ملاقات ڪري تنظيمي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻول ڪندي فنڪشنل ليبر ونگ ضلعي سانگهڙ جي طرفان ڪيل ڪارڪردگي جي باري ۾ پڻ آگاهه ڪيو، ان موقعي تي ڳالهائيندي خليفي وريام فقير خاصخيلي فنڪشنل ليگ ۽ ليبر ونگ جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن تي زور ڀريو ته هو ايندڙ اليڪشن جي لاءِ ڀرپور نموني سان تياري ڪري عوام سان رابطه مهم کي وڌيڪ تيز ڪري گهر گهر فنڪشنل ليگ جي عوامي ڀلائي واري پروگرام ۽ منشور کان عوام کي آگاهه ڪيو وڃي، خليفي وريام فقير خاصخيلي چيو ته انشاءَ الله عوام جي ڀرپور ساٿ سان ايندڙ دور فنڪشنل ليگ جو هوندو، وريام فقير چيو ته پ پ پ  جي گذريل 15 سالن جي دور اقتدار دوران جيڪا لٽمار ڪري ڪرپشن جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي قومي خزاني کي ٻنهي هٿن سان لٽي عوام جي ملڪيتن تي زوري قبضه ڪري کين ڪوڙن ڪيسن ۾ فاسائي ترقياتي ڪمن جي نالي اربين روپيه هضم ڪري رڪارڊ جي ڪاغذن ۾ ترقياتي ڪم ڏيکاريا ويا ليڪن سر زمين تي هڪ سر به لڳل ڪو نه آهي جنهن جي ڪري سنڌ جو عوام پ پ پ  وارن کان شديد دلي نفرت ڪري ٿو خليفي وريام فقير خاصخيلي چيو ته پ پ پ  وارن کي ڀل آهي ته هو بلدياتي اليڪشن وانگر ڪامورن جي ملي ڀڳت سان ڪوڙا ٽپا هڻي زوري ڪاميابي ماڻيندا ليڪن عوام هينئر سڄاڳ آهي انشاءَ الله هو پ پ پ  وارن کي ڪڏهن به ڌاندلي ڪري ڪوڙا ٺپا هڻڻ ڪو نه ڏيندو ۽ عوام ڀرپور نموني سان مزاحمت ڪري سندن ناپاڪ ارادا خاڪ ۾ ملائي ڇڏيندو خليفي وريام فقير خاصخيلي چيو ته سنڌ عوام هينئر مرشد رهبر اعليٰ حصرت پير سائين پاڳارا جن جي ۽ سيد صدر الدين شاهه راشدي يونس سائين جي والهانه قيادت هيٺ فنڪشنل ليگ جي پليٽ فارم تي گڏ آهي.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button