بريڪنگ نيوزسنڌ

ڪنهن به اداري سان جهيڙو ناهي، هر پِچ تي کيڏڻ لاءِ تيار آهيون: بلاول ڀٽو

مٺي/ اسلام ڪوٽ ( نمائندن وٽان ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پ پ هر پِچ تي کيڏڻ لاءِ تيار آهي، اميد آهي اسان کٽنيداسين. مٺي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته پروپئگنڊا ڪئي ويندي آهي ته پ پ واپار جي خلاف آهي، پ پ مٿان مڙهيل الزام ڪوڙا آهن، ٿر جو عوام پ پ سان تعلق جو ثبوت ڏنو. هن چيو ته اسان جي ڪردار ڪشي ڪئي وئي ته پ پ ڪارڪردگي ناهي ڏيکاري سگهي، اسان پاڪستان ۾ هيومن ڊيولپمينٽ لاءِ مثال قائم ڪري رهيا آهيون، اسان شهيد ڀٽو ۽ شهيد بي بي جا واعدا پاڙي رهيا آهيون. بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ڀرپور ڪم ڪيو، غربت، بيروزگاري وڏو مسئلو آهي، ٿرڪول پاور پلانٽ پاڪستان جي ڪامياب ترين رٿا آهي. هن زور ڏنو ته اسان ثابت ڪري ڇڏيو ته پ پ ڊيليور به ڪري سگهي ٿي، ڪارڪردگي جي حوالي سان ن ليگ، پي ٽي آءِ کان پيپلز پارٽي اڳتي آهي، اسان جو منظور اٽو، لٽو ۽ اجهو آهي، پ پ سنڌ جي بنيادي هيلٿ يونٽ ۾ سيڙپڪاري ڪئي آهي، ڪراچي کان ٿرپارڪر تائين ريلوي لائين قائم ڪنداسين، جنهن ذريعي ڪراچي کان ٿر اچڻ ۾ سولائي ٿيندي. هن چيو ته گارگند، الزامن ۽ انتقام واري سياست منهنجي تربيت ناهي، ڪوشش هوندي ته هوريان هوريان جهموريت لاءِ بهتري آڻيون، پ پ جو پي ڊي ايم جو ساٿ ڏيڻ وقت جي گهرج ۽ قومي مفاد ۾ هيو، سياسي مفاد آڏو رکون ها ته شايد فيصلو ڪجهه ٻيو هجي ها. سندس چوڻ هو ته فلحال هو اليڪشن ڏانهن وڃي رهيا آهن، ڪوشش آهي ته پ پ جي سيٽن جو انگ وڌيڪ هجي، اسان جو هن وقت ڪنهن به اداري سان جهيڙو نه آهي، ليول پليئنگ فيلڊ پيپلز پارٽي کي ڪڏهن ناهي ملي، ڪنهن لاءِ فيلڊ ٺاهي پئي وڃي، پر اسان ڪنهن به فيلڊ تي کيڏي سگهون ٿا، پ پ هر پِچ تي کيڏڻ لاءِ تيار آهي، اميد آهي اسان کٽينداسين. بلاول ڀٽو چيو ته پنجاب ۾ ڏکيائين سبب ن ليگ کي تجويز ڏني وئي پر صوبن ۾ به وينداسين، مون ن ليگ جي ورڪنگ کي ويجهي کان ڏٺو آهي، اهڙي سياست ناهي ڏٺي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button