بريڪنگ نيوزقومي

وفاقي ڪابينا جو اجلاس،حج پاليسي 2024ع ۾ ترميم، سعودي عرب ۽ قطر سان ٻه طرفي معاهدن تي ڳالهين جي منظوري

اسلام آباد (بيورو ) وفاقي ڪابينا حج پاليسي 2024ع ۾  ترميم، سعودي عرب  ۽قطر سان ٻه طرفو سيڙپڪاري معاهدن تي ڳالهين ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اربع تي وزيراعظم آفيس مان جاري ڪيل پڌرائي مطابق نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. وفاقي ڪابينا سيڙپڪاري بورڊ  جي سفارش تي سعودي عرب ۽ قطر سان ٻه طرفو سيڙپڪاري معاهدن تي ڳالهيون ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا حج پاليسي 2024ع ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن  تحت سرڪاري ۽ خانگي اسڪيمن جو غير استعمال ٿيل اسپانسر شپ ڪوٽا سعودي عرب حڪومت کي واپس ڪيو ويندو. سعودي حڪومت جي قانون مطابق حج گروپس آرگنائيزرز جي مالي انتظامن جي حوالي سان هڪ ڦول پروف مانيٽرنگ سسٽم نافذ ڪيو ويندو. ان کان علاوه نئين حج پاليسي مطابق 10 سالن کان گهٽ عمر جو ٻار به  حج جو فرض ادا ڪري سگهندو، خانگي حج اسڪيمز ۾ 80سالن کان وڌيڪ ماڻهن لاءِ خدمتگار گڏ رکڻ جي شرط ۾ نرمي ڪئي ويندي.  جڏهن ته حج گروپ آرگنائيزرز حاجي سان هڪ  معاهدو ڪندي،  جنهن تحت سعودي عرب ۾ قيام دوران  مقامي مددگار جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون، ان نقطي تي سروس جي فراهمي جي معاهدي ۾ شامل ڪيو ويندو ۽ ان جي ڀڃڪڙي تي حج گروپ آرگنائيزر کي ڏنڊ ۽ بليڪ لسٽ ڪري سگهجي ٿو. وفاقي ڪابينا هارڊشپ حج ڪوٽا ۾ گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي. مقامي مددگار جي ڪوٽا جو 50 سيڪڙو ان پاڪستاني  شاگردن لاءِ مخصوص ڪيوويندو. جيڪي سعودي عرب جي مقامي يونيورسٽين ۾ تعليم هيٺ آهن.  انهن شاگردن جي مقرري ويلفيئر اسٽاپ طور تي ڪئي ويندي. وفاقي ڪابينا پنهنجي گذريل اجلاس ۾ حج پاليسي 2024ع ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي هئي. جنهن جي سفارشن تي حج پاليسي 2024ع ۾ ڄاڻايل مٿيون ترميمون ڪيون ويون آهن. وفاقي ڪابينا فيڊرل بورڊ آف روينيو جي سفارشن تي بينڪن جي ان ونڊ فال منافعو جيڪو انهن سال 2021ع ۽ سال 2022ع ۾ زر مبادله جي لين دين سان حاصل ڪيو، ان تي 40 سيڪڙو ٽيڪس لڳائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، فنانس ايڪٽ 2023ع تحت انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001ع ۾ سيڪشن 99 ڊي متعارف ڪرايو ويو آهي. جنهن تحت ونڊ فال منافعي تي ونڊ فال ٽيڪس لاڳو ٿيندو،وفاقي ڪابينا واپار واري وزارت جي سفارش تي ٽريڊ آرگنائيزيشنز جي ريگيوليٽرز جي حڪمن  جي خلاف اپيل ٻڌڻ، امپورٽ پاليسي آرڊر ۽ ايڪسپورٽ پاليسي آرڊر 2022ع جي شرطن ۾ ڇوٽ ۽نرمي لاءِ هڪ ڪاميٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، واپار وارو وفاقي وزير هن ڪميٽي جو ڪنوينر هوندو. جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ قانون وارو وفاقي  وزير ۽ رٿابندي وارو وفاقي وزير شامل هوندو. وفاقي گهرو وزارت جي سفارش تي ڊيموڪريٽڪ ري بپلڪ آف ڪانگو، ملاوي، زيمبيا، زمباوي ۽جمهوريه ڪرغز کي بزنس ويزا لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا وفاقي گهرو وزارت جي سفارش تي 18 ماڻهن جانالا اي سي ايل مان ڪڍڻ ۽ نون ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا ڪشميرمعاملن واري وفاقي وزارت ۽ گلگت ۽ بلتستان جي سفار تي ڄمو ۽ ڪشمير اسٽيٽ پراپرٽي بجيٽ مالي سال 2023ع ۽ 2024ع جي منطوري ڏئي ڇڏي، هلندڙ سال لاءِ بجيٽ 267.590 ملين روپيا  رکي وئي آهي. وفاقي ڪابينا بحري معاملن بابت وفاقي وزارت جي سفارش تي سامونڊي جهازن جي محفوظ ۽ ماحول دوست ري سائيڪلنگ لاءِ هانگ ڪانگ انٽر نيشنل ڪنوينشن 2009ع تي صحيح  ۽ ان حوالي سان الحاق جي معاهدي جو ڊرافٽ تيار ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان ڪنوينشن  جي تحت  پاڪستان جي سامونڊي جهازن جي ري سائيڪلنگ لاءِ قانون سازي ڪندو ۽ ان حوالي سان لاڳاپيل اهلڪارن کي تربيت ڏني ويندي ۽ صلاحيت وڌائي ويندي، وفاقي ڪابينا سيڪريٽريٽ جي سفارش تي ٽرينڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان کي 2 لک ميٽرڪ ٽن جي يوريا جي بين الاقوامي مارڪيٽ مان خريد ڪرڻ لاءِ پبلڪ پرڪيورمينٽ ريگيوليٽري اٿارتي رولز 2024ع جي رول  نمبر 8-13-35-38- ۽ 40 کان ڇوٽ  ڏيڻ جي منظوري ڏني.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button