بريڪنگ نيوزسنڌ

پنوعاقل ڀرسان نانگ جو ڪکيل نينگر ويڪسين نه ملڻ سبب تڙپي ترپي فوت

پنوعاقل (ن م) پنوعاقل جي ڳوٺ ربن خالدي سان تعلق رکندڙ ٻارنھن سالن جي نينگر عبدالجبار ولد پير بخش خالدي کي رات دير سان نانگ ڪکي وڌو جنھن کي وارث تعلقه اسپتال پنوعاقل کڻائي ويا جتي ڊاڪٽرن لاپرواھي جو مظاھري  ڪندي نينگر کي نانگ بجاءِ روڊ ايڪسيڊنٽ جي ايجيڪشن ڪري گھر موڪلي ڇڏيو جتي نينگر جي ٻيھر طبيعت خراب ٿي پئي جنھن کانپوءِ وارث نينگر کي ٻيھر تعلقه اسپتال پنوعاقل کڻائي پھتا ڊاڪٽرن چيو  ته نانگ ڪکڻ جي انجيڪشن اسپتال ۾ موجود  نه آھي جنھن  ڪري نينگر ٽن کان چار ڪلاڪن تائين تڙپي تڙپي آخر فوت ٿي ويو، جنھن بعد سندس وارث روئيندا ۽ اسپتال عملي کي بد دعائون ڏيندا پٽون پاراتا ڏيندا معصوم نينگر جو لاش کڻائي گھر پھتا ته سندن گھر اندر نانگ جي ويڪسين نه ملڻ سبب فوت ٿي ويل ٻار جو لاش ڏسي روڄ راڙو مچي ويو. ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آھي ته نانگ، ڪتي ۽ ٻيون جيڪي مھانگيون ويڪسينز سرڪاري تعلقي اسپتال اينديون آھن اھي اسپتال انتظاميه جا ماڻھو ڊاڪٽر ۽ ڊسپينسر پرائيويٽ ميڊيڪل اسٽورن تي وڪرو ڪري پئسا پاڻ ۾ حصو پتي ڪندا آھن. جڏھن ته ذريعن اھا به دعوا ڪئي آھي ته ويڪسين نه ملڻ سبب مريضن جو تڙپي تڙپي مرڻ سالن کان معمول بڻيل آھن پر تعلقي اسپتال جي انتظاميه نوٽس بدران ڪوڙي صفائي ڏيندي آھي، ٻئي پاسي ڊي ايڇ او سکر به اھڙي مسئلي جو نوٽيس  وٺڻ بجاءِ ننڊ ۾ ستل آھي.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button