بريڪنگ نيوزسنڌ

سنڌي ثقافتي ڏينھن کي ڀرپور شان شوڪت ۽ عيد وانگرملهايو ويندو: سردار عبدالرحيم

ڪراچي(بيورو)پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي جنرل سيڪريٽري جي ڊي اي جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم چيو آھي ته 3 ڊسمبر تي سنڌي ڪلچر ڊي کي شان شوڪت ۽ عيد وانگر خوشي سان ملھايو وڃي، اھڙن خيالن جو اظھار پنھنجي جاري بيان ۾ ڪيو، سردار عبدالرحيم وڌيڪ چيو ته زنده قومون پنھنجي ثقافت ۽ ورثي سان بي پناھه محبت ڪنديون آھن، اھي قومون ڪڏھن به ترقي ناھن ڪري سگھنديون جيڪي پنھنجي ثقافت کي وساري ويھنديون آھن، سنڌ جي عوام کي گھرجي ته ثقافتي ڏھاڙو ڀرپور طريقي سان ملھائن، سردار عبدالرحيم چيو ته ڪراچي کان ڪشمور ۽ ڪينجھر کان ڪارونجھر تائين سنڌ ۾ رھندڙ سموريون قومون بنا ڪنھن فرق جي ثقافتي ڏھاڙو ڀرپور طريقي سان ملھائن.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button