بريڪنگ نيوزسنڌ

جيم خانه حيدرآباد ۾ اسپيشل ماڻهن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو

حيدرآباد (رپورٽ: لالا زاهد پٺاڻ ) حيدرآباد جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بتول اسپيشل اسٽوڊنٽ انسٽيٽيوٽ ۽ پرائيم ايونٽ پلانر جي تعاون سان جيم خانه حيدرآباد ۾ اسپيشل ماڻهن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. جنهن ۾ ڪمشنر حيدرآباد طارق قريشي ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق ڌاريجو سيڪريٽري طارق بجاري ماروي اعواڻ پرويز صديقي ام ڪلثوم انشراح اسما ضيا سفيان صديقي ۽ ٻين سرڪت ڪئي ۽ چيو ته ايونٽ جو مقصد اسپيشل ضرورتن وارن ٻارن جي والدين جي حوصلا افزائي ڪرڻ  هو. جڏهن ته معاشري ۾ منفرد صلاحيتن وارن ماڻهن جي باري ۾ بيداري ۽ تعليم کي فروغ ڏيڻ هو.  ان موقعي تي ٻارن جي دلچسپي جي لاءِ مختلف قسمن جو سرگرمين شامل ڪيون ويون هيون. جيڪي شرڪت ڪندڙن جي لاءِ خوشيون جو سبب هيون، جنهن ۾ گيمز، ڪاميڊي شو، پپـٽ شو، لائيو ميوزڪ پرفارمنس ۽ جادوئي شو شامل آهن. ان تقريب جو مقصد نه فقط تفريح فراهم ڪرڻ هو پر خصوصي ضرورتن وارن ماڻهن جي ناقابل يقيني صلاحيتن کي به اجاگر ڪرڻ هو ۽ هي ثابت ڪرڻ هو ته هر فرد برابري جي حقن جو مستحق آهي. بتول اسپيشل اسٽوڊنٽ انسٽيٽيوٽ ۽ پرائيم ايونٽ پلانر سمورن مهمانن شرڪت ڪندڙن، انسپانسرز ۽ سپورٽرز جو دل جي گهرائين سان شڪريو ادا ڪيو. جن هن تقريب کي شاندار نموني سان ڪاميابي سان هم ڪنار ڪيو. اهڙي طرح جي تقريبن جي ذريعي انتظاميه کي اُميد آهي ته اهي هڪ وڌيڪ همدرد ۽ سمجهه رکندڙ معاشري کي فروغ ڏيندا. جيڪو هر فرد جي صلاحيتن کي قبول ڪري ۽ ان جو جشن ملهائي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button