بريڪنگ نيوزقومي

ڊي آءِ خان ۾ سيڪيورٽي فروسز جي مختلف ڪاررواين ۾ 27 دهشتگرد مارجي ويا، 25 جوان شهيد

راولپنڊي (م ڊ) سيڪيورٽي فورسز ڊيرا اسماعيل خان ۾ مختلف ڪارروائين دوران 27 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته ان دوران پاڪ فوج جا 23 جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب ڊيرا اسماعيل خان ۾ 11 ۽ 12 ڊسمبر جي وچين رات دهشتگردن جون سرگرميون ڏٺيون ويون، جنهن تي درازنده واري علائقي ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران 17 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته اڄ صبح 6 دهشتگردن دارابن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي پوسٽ تي حملو ڪيو، جنهن دوران سيڪيورٽي فورسز چوڪي ۾ دهشتگرد گهڙڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي پر پوءِ دهشتگردن بارود سان ڀريل گاڏي چوڪي سان ٽڪرائي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ ٿيندڙ ڌماڪن سان عمارت ڪِري پئي ۽ 23 جوان شهيد ٿي ويا، جڏهن ته سمورن 6 دهشتگردن کي ماريو ويو. آءِ ايس پي آر وڌيڪ ٻڌايو ته ڪلاچي ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن جي ڳولا ڪئي وئي، سيڪيورٽي فورسز اثرائتي ڪارروائي ڪندي 4 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻه بهادر جوان شهيد ٿي ويا. پاڪ فوج جي ترجمان اداري موجب مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز خلاف دهشتگردي جي ڪيترين ئي ڪارروائين ۾ ملوث هئا، اهي معصوم شهرين جي قتل ۾ به سرگرم هئا، ڪارروائين دوران هٿيار، گولا، بارود ۽ ڌماڪيدار مواد به برآمد ڪيو ويو.آءِ ايس پي آر چيو ته علائقي ۾ موجود دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button