بريڪنگ نيوزسنڌ

اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا شفقت جو هٿ رکيو آهي، سندن حڪم تي هلندي عوام جي خدمت جاري رکنداسين: وڏيرو محمد خان جوڻيجو

کپرو / جهول (نمائندن وٽان) حُر جماعت جي معزز شخصيت اڳوڻي ايم پي اي قاضي شمس الدين راڄڙ وٽ جي ڊي اي جو  اين اي 209 تي اميدوار محمد خان جوڻيجو راڄڙ  هائوس پهتو. ان موقعي تي محمد خان جوڻيجو  چيو ته اسان تي اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا شفقت جو ھٿ رکيو آهي ۽ مون کي  اين اي 209 تي اميدوار نامزد ڪيو اٿن. انشاءَ الله سندن حڪم تي ھلندي عوام جي خدمت جاري رکنداسين. ڇو جو اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا پھرين مون کي حڪم فرمايو ھو ته بابا عوام جي خدمت ڪرڻي آهي. بنا فرق جي اليڪشن  کٽڻ کان پوءِ توهان کي عوام جو خادم ٿيڻو پوندو. عوام سان ڏک ۽ سک ۾گڏ رھندا ته عوام به توهان سان گڏ ھلندو. اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا  فرمايو ته اليڪشن  ھڪ ڏينهن جي آهي محمد خان جوڻيجو وڌيڪ چيو ته اسان انشاءَ الله سانگھڙ  ضلع جون سموريون سيٽون کٽينداسون. ڇو جو عوام اسان سان محبت ڪري ٿو.  ان جو مثال توهان ريلي ۾ ڏٺو ھوندو. ان موقعي تي  قاضي شمس الدين راڄڙ چيو ته کپرو پي ايس 41 جو اڃا تائين فيصلو نه ٿيو آهي اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا  جنهن لاءِ فيصلو ڪندا اسان کي اکين تي ھوندو. جڏهن ته  سنجھوري جي حُر جماعت جي معزز وڏيرو عبدالله مڱريو ۽ فقير دلبر مڱريو وڏيرو محمد خان جوڻيجو سان ٽنڊو آدم ۾ ملاقات ڪري کيس يقين دھاني ڪرائيندي چيو ته اسان اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا جي اميدوار جي ھر مدد ڪرڻ لاءِ تيار آھيون. جاني ھجي توڙي مالي ھجي ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ پير سائين پاڳارا جا اميدوار ڪامياب ٿيندا ۽ وڏيري محمد خان جوڻيجو وقتائتو فيصلو ڪري پ پ وارن جي تڏا ويڙھ ڪري ڇڏي آهي. اسان کي اميد آهي، وڏيرو محمد خان جوڻيجو ڪامياب ٿي غريبن مسڪين ماڻھن جا مسئلا حل ڪندو. کيس جس ھجي ته هن ڪرپٽ ٽولي مان نڪري پير سائين پاڳارا جو ساٿ ڏنو آهي، اسان کي خوشي ٿي آهي. انھيءَ موقعي تي وڏيرو شاھجھان جوڻيجو پڻ موجود ھو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button