بريڪنگ نيوزسنڌ

نواز ليگ ۽ ايم ڪيو ايم جو سياسي چئلينجز کي گڏجي منهن ڏيڻ تي اتفاق

ڪراچي(بيورو ) نواز ليگ ۽ ايم ڪيو ايم پاران سياسي چئلينجز کي گڏجي منهن ڏيڻ تي اتفاق، شهباز شريف چيو آهي ته ايم ڪيو ايم اسان جي سنجيده پارٽنر آهي، اڳ به چئلينجز کي گڏجي منهن ڏنو ۽ هاڻي به گڏجي منهن ڏينداسين. هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن سان چونڊ اتحاد ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون ٿيون، ايم ڪيو ايم وٽ نوازشريف جو پيغام کڻي آيو آهيان، چونڊ اتحاد ۽ سيٽ ايڊجسٽمينٽ بابت ٽن ڏينهن اندر مشاورت بعد متفقه فيصلو ڪنداسين. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ خالد مقبول چيو ته ايم ڪيو ايم سدائين وفاقي جماعتن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلي آهي، ڪراچي کي سدائين نظرانداز ڪيو ويو آهي، هاڻي ڪراچي کي نظر انداز ٿيڻ نه ڏينداسين. شهباز شريف پارٽي اڳواڻن سان گڏ ايم ڪيو ايم جي مرڪز بهادر آباد پهتو ته متحده اڳواڻن سندس آجيان ڪئي، شهباز شريف متحده اڳواڻن سان ملاقات بعد پير سائين پاڳارا سان پڻ ملاقات ڪئي.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button