بريڪنگ نيوزسنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پوليس اهلڪار معمولي ڳالهه تان گوليون هڻي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻو(بيورو/ س ر) لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي حد وليد پاڙي ۾ پوليس اهلڪار مدثر مھيسر موٽرسائيڪل سوئچ واري ڳالهه تان فائرنگ ڪري 20 سالا موٽرسائيڪلن جي مستري نوجوان عديل احمد پٽ محمد ڇٽل کي گوليون هڻي تڏي تي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته فائرنگ ۾ مقتول جو مامو فرمان معجزاڻي طور محفوظ رهيو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ کڻائي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو. هوڏانهن مقتول جي وارثن ايس ايس پي آفيس ٻاهريان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جتي هنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي مقتول نوجوان جي مامي فرمان عباسي ٻڌايو ته پوليس اهڪار مدثر مھيسر منهنجي ڀاڻج عديل احمد وٽ موٽرسائيڪل ٺهرائڻ آيو هو جتي هن موٽرسائيڪل ٺاهي ڏني بعد ۾ پوليس اهلڪار کيس موٽرسائيڪل ۾ سوئچ لڳائڻ جو چئي جهيڙو ڪرڻ بعد فائرنگ ڪري ڀاڻج ۽ مون مٿان فائرنگ ڪئي جنهن ۾ گوليون لڳڻ سبب منهنجو ڀاڻج تڏي تي قتل ۽ مان معجزاڻي طور محفوظ رهيس. هنن مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث پوليس اهلڪار مدثر مھيسر کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن ايس ايس پي لاڙڪاڻو سيد عبدالرحيم شيرازي واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او وليد کي هدايت ڪئي آهي ته پوليس اهلڪار مدثر مھيسر کي بنا دير گرفتار ڪيو وڃي. ايس ايس پي موجب پوليس واقعي بعد مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button